واهي پانڌي ۾ شهرين جو بدامني خلاف ٿاڻي اڳيان ڌرڻو
مَي 15, 2023
واهي پانڌي( ن پ ا) واهي پانڌي ۾ بدامني ظابطو نه اچڻ خلاف شهرين جو گورک چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي غفور جمالي ، مرتضي رستماڻي، احمد جمالي، ٻين چيو ته واهي پانڌي جي بدامني وڌي وئي آهي پوليس چورن سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن ڪري واهي پانڌي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي چوريون جو معمول بڻيل آهن گذريل رات چار چوريون ٿيون آهن جنهن ۾ حسين جمالي جي موبائيل جي دڪان تان 6 سمارٽ موبائيل فون ۽ بيٽري روڪ رقم ۽ احمد جمالي جي موٽر سائيڪل جي دڪان تان 15 موبل آئل بيٽري روڪ رقم چوري ڪري ويا جڏهن اڪبر جمالي جي مشن جو ٽرانسفارمر لاهي چور آساني سان فرار ٿي ويا پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايس ايڇ او واهي پانڌي ۽ ملوث پوليس اهلڪارن کي هٽائي واهي پانڌي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي ٻي صورت احتجاج جاري رهندو