واهي پانڌي ۾ واڻ جي تاريخي پڙي اڄ به قائم، بلوچستان سان پِيش جو ڪاروبار سالن کان جاري

سيپٽمبر 2, 2024

واهي پانڌي(رپورٽ :عابد لاشاري) ڪاڇي جي مرڪزي شھر واھي پانڌي ۾ بلوچستان سان هلندڙ پيش جو سالن پراڻو ڪاروبار اڄ به جاري آهي واهي پانڌي ۾ هر جمعي جي ڏينهن لڳندڙ پڙي تي بلوچستان جي حب، ساروڻو، لوهي،ڄمارو لڪ مان ماڻهو اڄ به قديمي طريقي سان جبل لڪ لتاڙي گڏهن ۽ اٺن تي ٽن چئن ڏينهن جو سفر ڪري هڪ ڏينهن هر هفتي بلوچستان کان پيش کڻي اچي واهي پانڌي پهچن ٿا ۽ واهي پانڌي ۾ پيش کپائي، موٽ گهر جي لاءِ هفتي ۽ مهيني جو راشن جھڙوڪ راٽو، چانور، گيھه، تيل، دوائون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون وٺي وڃن ٿا وري ٻئي هفتي وپسي ڪن ٿا جنهن سان واهي پانڌي جو سٺو ڪاروبار ٿئي ٿو

پيش کي واڻ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنج مرحلن ۾ ٺاهيو وڃي ٿو

واهي پانڌي : پيش کي واڻ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنج مرحلن ۾ ٺاهيو وڃي ٿو، پهرين مرحلي ۾ پيش جي ڦڙن کي ٽوڙيو وڃي ٿو ، ان بعد ان ڪٽڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ وٽڻ جو آخر ۾ لاهي گهرڙيو وڃي ٿو ته جئين صاف ٿي پوءِ ان مان واڻ ٺهي وڃي ٿو جيڪو کٽون واڻڻ، منجون پينگها واڻڻ جي ڪم اچي ٿو ڪاڇي جا ماڻهو پيش مان دٻڪيون، تڏا، ٽٻڻيون، ٻوهارا،ڇليون ۽ ٻيو سامان ٺاهي شهرن ۾ وڪرو ڪن ٿا جنهن سان هو پنهنجو گهر جو سٺو گرز سفر ڪن ٿا

پهرين سٺو اجورو ملندو هو، هاڻ اگهه نٿو ملي: پورهيت عورتون

واهي پانڌي: ڪاڇي جي عورتن جو چوڻ آهي ته پيش واڻ سٺو ڪم آهي جنهن مان اڳ سٺو اجورو ملندو هو پر هاڻ مهانگي سبب پيش مهانگي ملي ٿي واڻ کي ايترو ريٽ نٿو ملي هن ڪم ۾ تڪليف سوائي آهي پورهيو نه ملڻ ڪري هي ڪاروبار زوال پذير ٿي رهي آهي

اڄ به ڪاڇي جون عورتون وڏي انگ ۾ پيش مان واڻ ٺاهين ٿيون

واهي پانڌي: واهي پانڌي سميت ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ٽنڊو رحيم خان، ڄام ٻٻر، بهاول ٻٻر، ڇڊي، فلو قمبراڻي، هيرو خان، ڊرگھه بالا، حاجي خان، ڇني، گاجي شاھ سميت سڄي ڪاڇي ۾ پيش جو ڪاروبار ٿئي ٿو، اڄ به ڪاڇي جو عورتون وڏي انگ ۾ پيش مان واڻ ٺاهڻ جو ڪم ڪن ٿيون ڪاڇي جي ڪجهه ڳوٺن ۾ اهو ڪم عورتن سان گڏ مرد به سرانجام ڏئين ٿا

پيش ۽ واڻ جو ڪم زوال جو شڪار ٿيڻ لڳو

واهي پانڌي: پيش هڪ قديمي ڪاروبار آهي، توڙي جو هاڻ هي پيش ۽ واڻ جو ڪم زوال پذير آهي پر اڄ به ڪاڇي ۾ غريب طبقي جي گھڻائي ماڻهو هن ڌنڌي سان لاڳاپيل آهن، ڪاڇي جا ماڻهو پيش مان واڻ ٺاهي پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪن ٿا

Leave A Comment