واهپيدارن جا مزاحيه ۽ طنزيا تبصرا

جُون 12, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڪوٽڙي پوليس سنڌو ڪنڌي تي بيڙي مٿان ٺاهي مهاڻي جو مجسومو چوري ٿيڻ بعد هٿ ڪري ساڳي هنڌ تي لڳائي ڇڏيو آهي، پر مجسمي کي اڳ پهرايل ڪپڙا، ٻانهون گم آهن، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي ماڻهو مزاحيه ۽ تنزيا لکڻيون شعر ڪري رهيا آهن، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن،

هڪ پوسٽ تي ڪمنٽ ڪندي بلوچ دانش لکيو ته سنڌ حڪومت ٻانهن جو آڊر ڏنو آهي، ٻانهون ٺهن پيون، بل اسيمبلي مان منظور ٿيندو حصو پتي لڳندو، ڪميشن ٺهندي، ٻانهون اچي وينديون پوءِ  واپس لڳائي مجسمون ساڳئي جاءِ تي رکبو ۽ تقريب ڪوٺائي، فقير سائين لکيو ته اڳيئي ايڏو خرچ ٿي چڪو آهي، مجسمي تي وري ٻانهون لڳرائن معنيٰ اوهان چاهيو ٿا خرچ ۾ اضافو ٿئي، شڪر ڪيو اهو به لڳرايو اٿن،

رب ملاح لکيو ته انهي ملاح جا نصيب مون جيان خراب آھن. علي رضا سومري لکيو ته ڪھڙو سائين ھٿن سان مڇي پچائي کائيندو، بنا ھٿن جي ٻيڙي ھلائي پيو، ھلائڻ ڏيوس، جڏهن ته سڄو ڏينهن مجسمو سوشل ميڊيا تي وندر بڻيو رهو ۽ واهپيدار تبصرا ڪندا رهيا

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل