| واپارين جي مدد ڪبي: فائر برگيڊ عملي کي رستو نه ملڻ سبب وڏو نقصان ٿيو: مراد شاهه |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ گل پلازا جي باھ لڳل عمارت واري هنڌ پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جنهن عمارت کي باھ لڳي، اتي ماڻهو خريداري لاءِ ايندا آهن، شادين جي سيزن آهي، ڇنڇر تي رات جو 10 وڳي عمارت کي باھ لڳڻ جو اطلاع مليو، ريسڪيو آپريشن فوري شروع ڪيو ويو، ڪي ايم سي سميت ٻين ادارن سميت نيوي پاران به اسنارڪل ڏنا ويا، سول ايوي ايشن اٿارٽي به باههُ وسائيندڙ مشينون فراهم ڪيون، هن چيو ته 6 حياتيون وڃائجڻ جو اطلاع مليو آهي. 22 زخمي اسپتالن ۾ داخل آهن، جن جو علاج هلندڙ آهي، هن چيو ته مليل رپورٽ موجب 58 کان 60 ماڻهن جي گُم هجڻ جا اطلاع به مليا آهن. هن چيو ته عمارت ۾ هڪ بيسمينٽ ۽ 3 ماڙ موجود هئا، هتي هڪ هزار کان وڌيڪ دڪان آهن. هن چيو ته عمارت کي جنهن طريقي باھ لڳي آهي، ان بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪنهن دڪان ۾ شارٽ سرڪٽ کانپوءِ باھ لڳي آهي. فائر برگيڊ عملي کي رستو نه ملڻ سبب نقصان ۾ اضافو ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وزيراعظم انهي واقعي تي مون سان ذاتي طور رابطو ناهي ڪيو، ٿي سگھي ٿو ته حڪومت سان سندس رابطو ٿيو آهي. هن چيو ته باھ لڳڻ بعد مون کي فوري طور اچڻ گھرجي ها پر بدقسمتي سان شهر کان ٻاهر هئس. هن چيو ته جيڪي ماڻهو انتشار پکيڙن پيا انهن تي ڌيان ناهيون ڏيندا. ڪوشش ڪريون پيا ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ڏيون.وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي اداري جي ضرورت پئي ته ان کان به مدد وٺنداسين. هن وڌيڪ چيو ته واپارين جي نقصان جو ازالو ڪنداسين