واپارين حڪومتي فيصلو رد ڪري ڇڏيو: ڪاروبار 8 وڳي بند نه ڪرڻ جو اعلان

جُون 7, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واپاري اتحاد ڪاروبار رات جو 8 وڳي بند ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي

 ان حوالي سان ڪراچي واپاري اتحاد جي اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ ڪاروبار رات 8 وڳي بند ڪرڻ جي گنجائش ناهي

 هن چيو ته ڪراچي جي مارڪيٽ 10 کان 11 ڪلاڪن جي آهي، انهي عرصي ۾ 3 کان 4 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي، جنهن دوران ڪاروبار نه ٿو ٿئي

هن چيو ته ڪاروبار شروع ئي رات جو ٿئي ٿو انڪري دڪان رات جو 8 وڳي بند نه ڪنداسين، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي

Leave A Comment