| واپاري توازن بگڙي ويو، امپورٽ ۾ اضافو، ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جو تجارتي توازن بگڙي ويو، برآمدات ۾ گهٽتائي ۽ درآمدات ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال جي ڇهن مهينن دوران واپاري خسارو 19 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي، ايڪسپورٽ ۾ 8.7 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، امپورٽ ۾ 11.28 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 15 ارب 18 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ايڪسپورٽ ٿي. امپورٽ 34 ارب 38 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ رهيون، گذريل مالي سال جي ڇهن مهينن دوران 16 ارب 63 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ايڪسپورٽ ٿيون هيون، ساڳي عرصي دوران 30 ارب 90 ڪروڙ ڊالر جون امپورٽ ٿيون هيون، گذريل سال ڊسمبر جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال ڊسمبر ۾ ايڪسپورٽ ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. گذريل سال ڊسمبر جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ڊسمبر ۾ ايڪسپورٽ ۾ 2 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.