واپاري جي گهر مان ڌاڙي جي الزام هيٺ گرفتار ڊي ايس پي عمير باجاري جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي
نومبر 24, 2023
ڪراچي: ڪراچي ۾ واپاريءَ جي گهر ۾ ڌاڙو هڻڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڊي ايس پي عمير کي عدالت جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو
عدالت طرفان وڌيڪ 3 جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي 26 نومبر تائين پوليس حوالي ڪيو ويو
معطل ڪيل عمير باجاري کي اڄ پهريون ڀيرو هٿڪڙي هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، گذريل ڏينهن عمير باجاري کي بنا هٿڪڙين جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو
پوليس عمير باجاري سان گڏ مبينا ڌاڙي ۾ شريڪ 3 جوابدارن اظهار، محمود ۽ ستار کي به عدالت آڏو پيش ڪيو، جاچ آفيسر موجب واپاري محمد شاڪر جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙ پوليس پارٽي سان گڏ پرائيويٽ ماڻهو به موجود هئا
عدالت گذريل ڏينهن واردات ۾ شريڪ 5 خانگي جوابدارن کي به گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پوليس 5 جوابدارن مان ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو
جوابدار عمير باجاري جو چاچو سليم باجاري به عدالت ۾ موجود رهيو، معطل ڪيل ڊي ايس پي عمير باجاري ۽ ٻين تي واپاري جي گهر مان 80 تولا سون ۽ سوا 2 ڪروڙ روپين جو ڌاڙو هڻڻ جا الزام آهن