واپڊا سيڪيورٽي فورس قائم ڪري منصوبن ۽ عمارتن اندر گرفتاري جا اختيار ڏيڻ جو فيصلو: بل تيار

واپڊا سيڪيورٽي فورس قائم ڪري منصوبن ۽ عمارتن اندر گرفتاري جا اختيار ڏيڻ جو فيصلو: بل تيار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي پاڻي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين احمد عتيق انور جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وڏي مالي لاڳت باوجود ڪي فور پاڻي فراهمي منصوبي جي تڪميل نه ٿيڻ جو معاملو غور هيٺ آندو ويو. اجلاس دوران لاڳاپيل اختيارين ٻڌايو ته ڪي فور منصوبي لاءِ گهربل سموري فنڊنگ جو معاملو حل ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت پڻ پنهنجي حصي جا فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن. پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير ٻڌايو ته هن ۽ چيئرمين واپڊا گڏجي منصوبي جو تفصيلي دورو ڪيو آهي. ڪي فور منصوبي تي هيل تائين 86 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، منصوبي جي تڪميل لاءِ وڌيڪ 70 ارب رپين جي ضرورت آهي، جنهن جو بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير موجب پاڻي جي ورڇ واري منصوبي لاءِ الڳ سان لڳ ڀڳ 200 ارب رپين جي ضرورت پوندي، جڏهن ته منصوبي تي هيل تائين 66 سيڪڙو جسماني ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. اميد آهي ته ڪي فور منصوبو مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو. چيئرمين واپڊا اجلاس کي ٻڌايو ته ڪي فور منصوبي جو پهريون مرحلو هلندڙ سال ڊسمبر تائين، جڏهن ته ٻيو مرحلو ايندڙ سال جون تائين مڪمل ڪيو ويندو. چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد سعيد موجب ڪينجهر ڍنڍ کي درياءِ سنڌ مان پاڻي فراهم ڪيو ويندو. اجلاس ۾ واپڊا سيڪيورٽي فورس بل پڻ غور هيٺ آندو ويو. چيئرمين واپڊا چيو ته رڳو سيڪيورٽي گارڊن ذريعي واپڊا جي عمارتن ۽ وڏن منصوبن جي حفاظت ممڪن ناهي، تنهن ڪري اداري لاءِ پنهنجو سيڪيورٽي نظام قائم ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اڳ وارو انتظام تمام گهڻو مهانگو هو، نئين فورس جا اهلڪار معاهدي تحت ڀرتي ڪيا ويندا ۽ کين پينشن نه ڏني ويندي. چيئرمين واپڊا موجب واپڊا سيڪيورٽي فورس کي واپڊا جي منصوبن ۽ عمارتن اندر گرفتاري جا اختيار هوندا، جڏهن ته گرفتار ڪيل ماڻهن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ مقامي پوليس حوالي ڪيو ويندو. هن چيو ته فورس کي باقاعده تربيت ۽ يونيفارم پڻ فراهم ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ديامر ڀاشا ڊيم تي هن وقت 2,500 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر آهن، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي خانگي سيڪيورٽي ڪمپنين مان به اهلڪار حاصل ڪري سگهبا. واپڊا اختيارين بريفنگ ڏيندي چيو ته پراڻو چوڪيدار نظام هاڻي ڪارآمد نه رهيو آهي ۽ بين الاقوامي وفدن جي دوري دوران سيڪيورٽي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. بريفنگ موجب واپڊا سيڪيورٽي فورس لاءِ ڊائريڪٽر جنرل جي الڳ پوسٽ هوندي، جيڪا گريڊ 20 جي رٽائرڊ پوليس يا فوجي آفيسر کي ڏني ويندي.