| واڌوڀاڙا: مسافرن کي 60 لک واپس ڪرائڻ جي دعويٰ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موٽروي پوليس واڌو ڀاڙن ۽ اوورلوڊنگ خلاف جاري خصوصي مهم دوران مسافرن کي واڌو ڀاڙي جي مد ۾ وصول ڪيل 60 لک رپيا واپس ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.موٽروي پوليس جي ترجمان موجب 15 مارچ کان واڌو ڀاڙن (اوور چارجنگ) ۽ اوورلوڊنگ خلاف ملڪ گير ڪارروائي جاري آهي، انهي هن مهم دوران اوورلوڊنگ، وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ، تيز رفتاري ۽ نامڪمل سفري دستاويزن جي الزام هيٺ 22 هزار کان وڌيڪ چالان جاري ڪيا ويا.