وجي ٿلاپتي جي گهرواري خلع جو ڪيس واپس وٺي ڇڏيو

وجي ٿلاپتي جي گهرواري خلع جو ڪيس واپس وٺي ڇڏيو

نئين دهلي(ڪلچرل ڊيسڪ) بهارتي اداڪار ۽ تامل ناڊو جي وڏي وزير سي جوزف وجي جي گهرواري سنگيتا مڙس کان الڳ ٿيڻ لاءِ داخل ڪيل خلع وارو ڪيس واپس وٺي ڇڏيو، جنهن بعد عدالت ڪيس ختم ڪري ڇڏيو. بهارتي ميڊيا رپورٽن موجب سنگيتا طلاق جي ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي وڊيو ڪانفرنس ذريعي عدالت ۾ پيش ٿي. هن عدالت کي ٻڌايو ته هوءَ وڌيڪ ان ڪيس جي پيروي ڪرڻ نٿي چاهي ڇو ته هوءَ وجي کان الڳ ٿيڻ نٿي چاهي. سنگيتا جي موقف بعد عدالت سندس درخواست واپس وٺڻ جي اجازت ڏيندي ڪيس ختم ڪري ڇڏيو. اهو قدم اهڙي وقت سامھون آيو آهي جڏهن 27 فيبروري 2026 تي وجي ۽ سنگيتا وچ ۾ الڳ ٿيڻ جون خبرون بهارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳيون هيون. بعد ۾ سنگيتا فيملي ڪورٽ سان رابطو ڪندي طلاق جي درخواست داخل ڪئي هئي. درخواست ۾ سنگيتا الزام مڙهيو هو ته کيس اپريل 2021 ۾ وجي ۽ هڪ خاتون اداڪارا جي مبينا تعلقات جي خبر پئي. سندس موجب خاطري ڪرائڻ باوجود اهو تعلق ختم نه ٿيو، بلڪه وقت گذرڻ سان گڏ وجي کيس پنهنجي زندگي کان به پري ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. سنگيتا پنهنجي درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو هو ته وجي ٻاهرئين ملڪ جي دورن ۽ مختلف عوامي تقريبن دوران اداڪارا سان ڏسڻ ۾ ايندو رهيو ۽ انهن ملاقاتن جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي سامھون اينديون رهيون. سندس موجب وجي نه انهن تصويرن جي ترديد ڪئي ۽ نه ئي انهن تي ڪو اعتراض ڪيو.