جديد سنڌي شاعريءَ ۾ مزاحمت، جدوجهد، قومي جذبو، سونهن، رومانويت، ترقي پسندي ۽ حقيقت پسنديءَ کي موضوع بنائيندڙ تنوير عباسي گهڻ مطالعاتي شاعر هو، سندس ڪلام ۾ سنڌ جي ماضيءَ کان ويندي مستقبل تائين سمورا منظر ملن ٿا. هو حساس آهي، سندس خيال ۾ ڳڻتي آهي، فڪر آھي. هن جي پيغام ۾ سماج جي مسئلن ۽ ڏاڍاين جي عڪاسي ٿيل آهي. تنوير وٽ سڀ کان وڌيڪ اهميت انسانيت جي آهي. انسان جي عزت، انهيءَ ۾ تفريق ۽ حيثيت کي گهٽتائي جو مخالف آهي، جيئن سندس شاعريءَ ۾ اظهار ٿيل آهي:
ڏسي مٽيءَ جو مان،
فلڪ حيران ٿيو.
تارازيءَ جي هڪڙي ڀر ۾،
وجهجن ٻئي جهان ۾،
ڳرو انسان ٿيو.
تنوير عباسي انهيءَ وقت پنهنجو پيغام عام ڪيو، جڏهن سنڌ ۾ ٻوليءَ کان وٺي نسلي تعصب تائين انتشار پکڙيل هو. سياسي اڳواڻن قوم کي الڳ الڳ طريقن سان مونجهاري ۾ اٽڪائي رکيو هو. اهڙي صورتحال ۾ تنوير عباسي چوي ٿو:
اڃا به جاڳندا رهو
اڃا به جاڳندا رهو
اڃا ته وقت پُر خطر ٽريو نه آ ٽريو نه آ،
اڃا سڻائو واءُ ڪو وريو نه آ وريو نه آ،
اڃا به جاڳندا رهو
اڃا ته رهزنن جي منهن تي رهبريءَ جو آ نقاب،
اڃا ته دشمنن جي منهن تي دوستيءَ جو آ نقاب.
تنوير عباسي ترقي پسند رجحان ڏنو. هن جي ڪلام ۾ مذهبي ڪٽرپڻي کان پاڪ معاشرو آهي. صوفي ۽ انساني همدرديءَ جو جذب آهي. شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام کي شوق سان پڙهندو هو ته وري انهن جي فلسفي کي جديد انداز ۾ ڏسندو هو. تنوير عباسي جيڪي هائيڪو چيا آهن يا شاعريءَ ۾ نواڻ آندي آهي، انهيءَ ۾ به صوفين جي فلسفي جي جهلڪ ملي ٿي. هن جي شعري مجموعي “سج تريءَ هيٺان” ۾ ڪيڏارو چيل آهي، جنهن ۾ اظهار ڪري ٿو ته:
رسالو سڙندو ڏسي، مرڪيو ڀٽ جو گهوٽ،
سڙي نه سهندي سنڌڙي، چڙهندي ويندي چوٽ،
ڳڀرو ڳاڙها گهوٽ، جنهن لئه سِر صدقي ڪندا.
سندس هائيڪي جو فن هن طرح آهي:
ڦڙ ڦڙ مينهن وسي،
اکڙين ۾ آلاڻ ڇو؟
ڪوئي ڪين ڏسي.
…..
ڇڻيو ٻٻر جو ٻُور،
چارو ٻيلو ٿي ويو،
پوءِ به وڃڻو ڏور.
تنوير عباسي شاعريءَ جون سموريون صنفون، قديم کان جديد تائين چئي ڏيکاريون آهن. جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، بيت، گيت، وايون، چؤسٽو، سانيٽ، ترائيل ۽ هائيڪو شامل آهن. هن ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ به حصو ورتو. شيخ اياز، شمشير الحيدري، استاد بخاري، امداد حسيني ۽ تنوير هڪ زماني ۾ گڏيل علمي ادبي توڙي سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ جدوجهد ڪئي. تنوير جي شاعري ۾ جيڪو جذبو ملي ٿو، سو هر سنڌيءَ جي دل ۽ دماغ جي نمائندگي ڪري ٿو. هو چوي ٿو:
مان ڪو ڪورو ڪاغذ ناهيان
مان ڪو ڪورو ڪاغذ ناهيان
جنهن تي چاهيندي جو لکندي
ٻار جي ڦرهي ناهيان جنهن کي،
ميساريندو، لکندو رهندين،
اڻ ڊهندڙ تحرير مان آهيان،
۽ پنهنجي تقدير مان آهيان،
مان آهيان هڪ ازلي ليک،
منهنجي اک ۾ سج جو تيک.
تنوير عباسي شاعر هئڻ سان گڏوگڏ بهترين فزيشن، نثرنگار، محقق، مقرر ۽ علمي اداري جو سربراهه رهيو. سندس جنم سنڌ جي تاريخي شهر خيرپور ۾ 7 ڊسمبر 1934ع تي ٿيو. سندس اصل نالو نور نبي عباسي هو. بعد ۾ شاعري ڪيائين ته ادبي نالو تنوير رکيائين. پرائمري کان انٽرميڊئيٽ ڪراچيءَ مان تعليم پرايائين. ساڌو هيرانند اڪيڊميءَ مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ اين. جي. وي هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. انٽرميڊئيٽ، گورنمنٽ ڊي. جي. سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين.
تنوير عباسي شاعريءَ جي شروعات 1950ع کان ڪئي ۽ پهريون شعر حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ رسالي “فنڪار” ۾ ڇپيس. سندس شاعري ۽ تحقيقي ڪم جي نتيجي ۾ هيءَ ڪتاب منظر عام تي آيا:
1. رڳون ٿيون رباب (شاعري 1958ع) 2. شعر (شاعري 1970ع) 3. جي ماريا نه موت (ترجمو ناول 1973ع) 4. ٻاراڻا ٻول (مرتب ٿيل 1973ع) 5. شاهه لطيف جي شاعري (تحقيق 1976ع) 6. سج تري هيٺان (شاعري 1977ع) 7. جديد سنڌي شاعري (مرتب ٿيل 1981ع) 8. نانڪ يوسف جو ڪلام (مرتب ٿيل 1982ع) 9. خوش خير محمد جو ڪلام (مرتب ٿيل 1983ع) 10. ڏوري ڏوري ڏيهه (سفرنامو 1984ع) 11. هيءَ ڌرتي (شاعري 1985ع) 12. ترورا (مضمون 1988ع) 13. تنوير چئي (شاعري 1989ع) 14. منهن تنين مشعل (خاڪا 1990ع) 15. ساجن، سونهن، سرت (شاعري 1996ع)
مٿين ڪتابن کان علاوه تنوير عباسيءَ جي شاعري سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي. تنوير عباسيءَ جو ھر ڪتاب ۽ تخليقي ڪم منفرد آھي پر سندس لطيف شناسيءَ ۾ ڪم سڀ کان عمدو آھي. “شاھ لطيف جي شاعري” تنوير عباسيءَ جو تحقيقي مقالن سان سجيل ڪتاب سنڌي ادب جي شاھڪار ڪتابن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جنھن جو پھريون ڀيرو ڇاپو 1976ع ۾ شايع ٿيو ھو ۽ ان کانپوءِ ڪيئي دفعا شايع ٿيو آھي. تنوير عباسيءَ جو ھي علمي پورھيو روايتي انداز وارو ناھي، بلڪہ ھن عقلي بنيادن تي شاھہ جي ڪلام کي پرکيو آھي. ھر مقالو پڙھڻ کان پوءِ شاھ سائينءَ جي شاعري ھڪ نئين نظريي ۾ سمجھ ۾ اچي ٿي. شاھ صاحب جي شاعريءَ تي ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن ڪم ڪيو آھي پر تنوير عباسيءَ جيترو سولو ڪري سمجھايو آھي، اوترو ڪنھن ٻئي محقق ناھي سمجھايو. ھن ڪتاب جو ھر مقالو تاريخي حوالن ۽ دليلن سان لکيل آھي. تنوير عباسي جيئن تہ ترقي پسند سوچ جو مفڪر ھو، ان ڪري ھن پنھنجي فڪر موجب ئي لطيف سائينءَ جي ڪلام کي پڙھيو ۽ ان تي مقالا لکيائين. اسان بہ جڏهن تنوير عباسيءَ جي سوچ سان لطيف سائينءَ جي ڪلام کي پڙھيو ۽ سمجھيو تہ اھو بنھہ نئين انداز وارو لڳو. نہ فقط شاھ جي شاعري جا نوان رخ نظر آيا پر تاريخ جا تلخ واقعا بہ پڌرا ڪيا اٿس. ائين ئي سياست ، سماجيات، رنگن، عڪسن، لھجن، ڪردارن، موسيقيءَ ۽ ثقافت جي حوالن سان بہ لطيف سائين جي شاعريءَ کي رونما ڪيو اٿس. سندس مقالا ھن ترتيب سان ڏنل آھي آھن: شاھ لطيف جي شاعري جو ادبي پس منظر، شاھ لطيف جي شاعري جو سياسي ۽ تاريخي پس منظر، شاھ لطيف جي شاعري ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر، شاھ لطيف جي عوامي شاعري، شاھ لطيف جي شاعريء جي موسيقي، شاھ لطيف جي عڪسي شاعري، شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس، شاھ لطيف جي اھڃاڻي شاعري، شاھ لطيف جا سورما ۽ سورميون، شاھ لطيف جي شاعري جو زورائتو اچار، ساجن، سونھن، سرت.
تنوير عباسيءَ سڄي ڄمار علمي ادبي پورهئي ۾ گذارڻ بعد زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن پنھنجي فرزند جي گھر ۾ اسلام آباد ۾ گذاريا. دنيا مان رخصت ٿيڻ کان اڳ ھن پنھنجي جسم کي بہ عطيو ڪرڻ جي وصيت ڪئي ھئي. مطلب ويندي ويندي بہ ٻين جي ڀلائيءَ جو سوچيائين، پر وفات کان پوءِ ائين نہ ٿي سگھيو. هن جو انتقال 65 ورهين جي ڄمار ۾ 25 نومبر 1999ع تي اسلام آباد ۾ ئي ٿيو ۽ سندس آخري آرام گاهه به اتي ئي آهي.
تنوير عباسيءَ جي وفات کان پوءِ به مٿس ڪيئي ڪتاب، مقالا ۽ مضمون اچي چڪا آهن. هيءَ هڪ اعليٰ پائي جي شاعر جي نشاني آهي ته سندس قوم جا عالم، اديب، صحافي ۽ عام ماڻهو کيس دلين ۾ سانڍيو ويٺا آهن.