سنڌ جي عظيم بهادر انقلابي ڪردارن سورمن ۽ سورمين جو جڏهن به ۽ جتي به ذڪر نڪرندو ان ۾ ادي حورالنساءَ پليجو جو نالو بہ شامل هوندو. تاريخ اهڙن انمول ڪردارن کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. اڄ 16 مئي 2026ع تي سنڌ جي هن عظيم ڪردار، سنڌ جي سورمي ادي حورالنساءِ پليجو جي پهرين ورسي آهي. خبر ئي نه پئي اک ڇنڀ ۾ تيزي سان سڄو سارو سال گذري ويو، اڃان ڄڻ ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي، ادي حور جون رس ڀريون ڪچهريون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اجلاسن ۾ سندس ڳالهه ٻولهه. احتجاجي مارچن، ڌرڻن، مظاهرن، ريلين، بک هڙتالن جي اڳواڻي ڪرڻ. ڪانفرنسن ۾ سنڌ جو ڀرپور موقف رکڻ. مظلوم قومن، طبقن، عورتن، ٻارن، هارين، مزدورن، شاگردن، صحافين، وڪيلن، پورهيتن ۽ مسڪين ماڻهن جي طرفداري ڪرڻ. ساٿين جي ڏکن سورن، شادين مرادين توڙي وڇڙي ويل ساٿين ۽ ساٿياڻين جي تڏي تي پهچڻ. طبعيت جي ناسازيءَ جو چئي وري وڏي جوش ۽ جذبي سان دورن تي نڪري پوڻ، سخت سردي ۽ گرمي جي ڪابه پرواهه نه ڪرڻ. ڪراچي کان واهي پانڌي، ننگر پارڪر، اسلام ڪوٽ، ڪنڌڪوٽ کان ڪرمپور تائين سندس پنڌ. آخري ڏينهن ۾ بيماري دوران اسپتال ۾ ملاقاتن دوران پارٽي ساٿين جي باري ۾ پڇا ڪرڻ، سياسي سرگرميون ڪرڻ تي بي انتها خوش ٿيڻ، حوصلو، همٿون ۽ شابسون ڏيڻ. محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ورسي وڏي پئماني تي ملهائڻ ۽ ورسي جي گرائونڊ جي ننڍي هجڻ جي ڳڻتي. ادي حورالنساءَ پليجي جون اهي سڀئي ڳالهيون، سرگرميون ۽ منظر اڄ به اکين اڳيان هلندا رهن ٿا. لطيف اهڙن ڪردارن لاءِ چيو آهي ته:
“ڀلي ڄائي مارئي، جنهن مارو ملهايا،
سُتي سامائي، جنهن ٻڌا موڙ ملير کي.”
ادي حورالنساءِ جي تربيت پنهنجي انقلابي ڀاءُ محترم رسول بخش پليجي صاحب ڪئي، اهو پليجي صاحب جو ڪمال آهي ته پليجي صاحب گهڻ طرفن ڪمن سان گڏوگڏ اهم ڪم سنگ تراشي وارو ڪيو آهي. پليجي صاحب پارٽي ساٿين توڙي ڀينرن کي پڙهائي، سياسي تعليم ڏيئي بنيادي تربيت ڪري هڪ سنگ تراش وانگر گهڙي ٺاهي سماجي تبديلي آڻڻ لاءِ هڪ غير معمولي ڪردار جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. رسول بخش پليجي صاحب سنڌ ۾ پهريون ڀيرو اها روايت وڌي ته پنهنجي گهر جي عورتن کي پورهيت سياست جي عملي ميدان ۾ آندو. پليجي صاحب جي خاندان جون ڀينرون جيلن ۾ ويون. لانگ مارچ ڪيا. ڊڪٽيٽر ايوب، ضياءَ ۽ مشرف جي مارشل لائن جا مقابلا ڪيا. پوليس جو تشدد برداشت ڪيو، سندن مٿا ڦاڙي رتورت ڪيو ويو. ڀينرن جهر جهنگ پنڌ ڪيا، تنظيم ڪرڻ سان گڏوگڏ جدوجهدن جي اڳواڻي ڪئي. سڄي سنڌ ۾ سجاڳي جا سڏ ڏنا. انهن ڀينرن ۾ ادي حورالنساءَ جو اهم ڪردار هو. پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو صاحب جي جوڙيل جڳ مشهور سنڌياڻي تحريڪ جي باني ميمبرن ۾ ادي حورالنساءِ پليجو شامل هئي، ادي حورالنساءِ پنهنجي پورهيت، مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن سان جيڪو پهرين ڏينهن کان وچن ڪيو، اهو وچن هو پنهنجي زندگي جي آخرين گهڙين تائين نڀائيندي رهي.
“اي نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.”
ادي حورالنساءَ پنهنجي مسڪين، پورهيت، مارو ماڻهن سان ائين ملهايو جئين لطيف جي سورمي مارئي ملهايو. ادي حور ڪڏهن به ورچي نه ويٺي.
“مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون،
سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهُنِ ٻڌائون،
عمر جو آئون، پٽ ڪيئن پهريان سومرا.”
ادي حور النساءِ پنهنجي طبعيت ۾ سادي هئي، وڏن ٺٺن ٺانگرن کان پري، مشڪل گهڙين ۾ بردبار ۽ حوصلي واري هئي، سندس ڳالهائڻ وڻندڙ، سندس ٻولي ۾ ميٺاس، نج ٻهراڙي جو لهجو ماڻهو ڀانئي ته ادي جي ڪچهري ختم ئي نه ٿئي. تحريڪن جون ڳالهيون، پليجي صاحب جون ڳالهيون. راڄن ڀاڳن، ڳوٺن گامن جون ڳالهيون. ڪتابن ۽ انقلابي شاعري جون ڳالهيون ۽ ائين هڪ ڳالهه مان ٻي شروع ٿي ويندي هئي.
“وهڻ ويڄن وٽ، جي سکين ته سگھو ٿئين،
اڳين عادتن مٽ، ته اگھا عاجز نه ٿئين.”
ادي حورالنساءَ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي وجود وارن شروعاتي ڏينهن ۾ تمام گهڻا ڪشالا ڪڍيا. تڪليفون برداشت ڪيون، سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن سان گڏجي روڊن، رستن ۽ سوارين جي سهولتن نه هجڻ جي باوجود کٽارا بسن ۾ سفر ڪري پري پري جي ڳوٺن ۾ وڃي هاري ۽ پورهيت عورتن سان ڪچهريون ڪيون. کين سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل ڪيو. گڏوگڏ سماج ۾ ڪوڙهه جهڙين ريتن ۽ رسمن، غيرت جي نالي ۾ عورتن کي قتل ڪرڻ، ڪارو ڪاري، ننڍي عمر جي نياڻين جي شادي، سڱ چٽي ۾ ڏيڻ، حق بخشرائڻ، مرضي خلاف بي جوڙ شاديون، عورتن تي تشدد، جنسي ڏاڍائن، قبيلائي جرڳن خلاف نه رڳو ملڪ پر ملڪ کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ آواز اٿاريو. ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال، ڀاشا ڊيم، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهدن، جنرل ضياءَ الحق خلاف ايم آر ڊي جي جدوجهد، جنرل مشرف جي دؤر ۾ جمهوريت جي بحالي، عدليا ۽ ميڊيا جي آزادي لاءِ جدوجهد. جاگيرداري ۽ وڏيراشاهي نظام، هارين جي نجي جيلن، لساني تنظيم جي دهشتگردي، ٻٽي بلدياتي نظام، سنڌين کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري ڪوڙي ڊجيٽل آدمشماري، لکين ايڪڙ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ ڪمپنين جي حوالي ڪرڻ خلاف. سنڌو درياهه تي ڇهن نون ڪئنالن، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن خلاف جدوجهدن ۽ سنڌ جي ثقافتي ماڳن ڪارونجهر، ڪينجهر، هاليجي، گورک، ڪوهستان ۽ کير ٿر جي زمينن جي نيلامي. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد، ڪمانڊر سٽي کي لکين ايڪڙ زمين ڀڳڙن مٺ عيوض ڏيڻ خلاف. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ غنڊاگردي ۽ سرڪار طرفان تعليم جي تباهي، پوليس جي ظلمن، ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي فصلن جا مناسب اگهه نه ڏيڻ خلاف احتجاجن، ريلين، مظاهرن، شارٽ مارچن، سکر کان ڪراچي، ڀٽ شاهه کان ڪراچي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي، گوڙاڻي (ٿر) کان ڪراچي تائين طويل لانگ مارچن، بک هڙتالن ۽ ڌرڻن ۾ پنهنجو مک ڪردار ادا ڪيو.
“جيئن جيئن ڀڄي رات، تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾،
ڀوري ٻي نه تات، جيڪا سا جتن جي.”
ادي حور النساءَ هر قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيو. ثقافتي مورچي تي به ادي حور النساءَ پاڻ ملهايو، ادي حور النساءَ سٺو ڳائي سگهندي هئي. ادي حور النساءَ پنهنجي ڀيڻ ادي غلام فاطمه سان گڏ لوڪ گيت ۽ لاڏا ريڊيو پاڪستان تان ڳايا. “مور ڙي الا لا، لڳو من مارن” سندن لوڪ گيت مشهور آهي. ادي حور النساءِ عالمي فورمن تي سنڌ جو ڪيس رکيو. ورلڊ سوشل فورم جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿي. پٽنا ۽ دهلي جي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. ادي حور النساءَ سٺي ليکڪا به آهي. سندس لکڻين جي ٻولي به نرالي آهي. ادي جو ڪتاب “پکن منجهه پساھ” جلد شايع ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ ادي سفرناما، شروعاتي ڏينهن ۾ تنظيم جي جوڙ جڪ ۽ سرگرمين، پليجي صاحب سميت ٻين ڪجهه شخصيتن، خاندان، تنظيمي دورن جي حوالي سان رپورٽون لکيون آهن. ادي حور النساءَ هڪ استاد به هئي جنهن پنهنجي شاگردن کي بهتر تعليم ڏني خاص ڪري اهي ڇوڪريون ڪيترن کي شعبن ۾ روزگار سان آهن. ادي جنگشاهي جي ڳوٺ ۾ جڏهن ڇوڪريون مائٽ اسڪول پڙهڻ لاءِ نه ڇڏيندا هئا ته ادي گهر گهر ڇوڪرين جي مائٽن وٽ وڃي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ قائل ڪندي هئي.
ادي حور النساءَ پليجي جي اڄ پهرين ورسي جي موقعي تي کيس سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. ادي حور النساءَ محترم رسول بخش پليجي صاحب جي فڪر تحت جيڪا جدوجهد ۽ جستجو ڪئي آهي، اها ڪڏهن به وسري نٿي سگهي.
“منجھان منهنجي روح، جي وڃي ساڄن وسري،
ته مر لڳي لوه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.” (لطيف)