ورسيءَ جي مناسبت سان … فڪري ۽ نطرياتي سنڌ اڏيندڙ – رشيد ڀٽي … ذوالفقار ڦلپوٽو

                 رشيد ڀٽي سنڌي ادب جي ترقي پسند تحريڪ جي اهم ترين ڪردارن مان هڪ آهي. سندس ادبي ۽ فڪري سفر سنڌي سماج جي تاريخي تبديلين، سياسي تحريڪن، ۽ سماجي جدوجهد سان گهرو لاڳاپو رکي ٿو. ڀٽي صاحب جي ادبي تخليق صرف ڪهاڻي لکڻ تائين محدود نه رهي، بلڪه هن پنهنجي تنقيد، مهاڳ، ترجمي، نطرياتي ادب سرجڻ ۽ سياسي جدوجهد ذريعي سنڌي ادب ۽ سماج کي هڪ نئون فڪري رخ ڏنو. هن جو ڪم سنڌي ادب ۾ حقيقت پسندي، سماجي شعور، ۽ سياسي مزاحمت جي جديد روايت جو بنياد بڻجي ويو.

                 ھن 20 آگسٽ، 1933ع تي تاريخي شھر اروڙ ۾  حافظ عبدالحمید ڀٽيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو۔ سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي دور تنظيم ۾ (جيڪا 1952ع ۾ ٿي) هن جو ڀرپور حصو رهيو ۽ تنوير عباسي کان پوءِ يارهن سالن تائين سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو. رشيد ڀٽي سياسي حوالي سان عوامي ليگ سنڌ جو سرگرم رڪن رهيو. 1971ع ۾ عوامي ليگ جي ڪري 9 مهينا جيل ڪاٽيائين. هن نيشنل عوامي پارٽي ۾ به شموليت اختيار ڪئي ۽ خان عبدالغفار خان، ولي خان، عطاءُ ﷲ مينگل، خير بخش مري، حفيظ قريشي ۽ ٻين سان گڏجي عوام جي حقن لاءِ جاکوڙيائين. سنڌ هاري ڪميٽي ۾ حيدر بخش جتوئي سان گڏ ڪم ڪيائين. رسول بخش پليجي ۽ شھيد فاضل راھو سان گڏ عوامي تحريڪ ۾ عملي ڪردار ادا ڪندي سمورن گھر ڀاتين کي به ان ۾ شامل ڪيائين. 1982ع ۾ جڏهن “سنڌي ٻولي- قومي ٻولي” تحريڪ شروع ٿي ته انهيءَ ۾ حصو ورتائين، 1983ع واري ايم آر ڊي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين، 1987ع ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جو بنياد رکيائين، پاڪستان رائٽر گلڊ سنڌ جو سيڪريٽري رهيو، سکر لا ڪاليج ۾ پڻ اعزازي پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌ جا ڪيترائي وڪيل سندس شاگرد  آهن. ھو سکر جو ناليوارو وڪيل هو. 1981ع ۾ سکر بار جو جنرل سيڪريٽري به رهيو.  رشيد ڀٽي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سوين مضمون لکيا. “المنار” اخبار ۽ “پرھ ڦٽي” مئگزين جو ايڊيٽر رهيو، “نئين سنڌ” ڪراچي ۽ “الوحید” ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رھيو۔ سندس ڇپيل ڪتاب لڳ ڀڳ ٽيهارو کن آهن، جن ۾ گهڙي گهڙي گهاءُ (پاڪستان رائيٽرز گلڊ، سکر، ڪهاڻيون)، دنيا جا عظيم افسانا (سنڌي ادبي بورڊ)، آڏي ڍال مَ ڍار (رائٽرز گلڊ، سنڌ ريجن، سکر)، عاشق زهر پياڪ ( مهراڻ پبلشرز، سکر)، رياست ۽ آزادي (سنڌي ادبي بورڊ)، پاڪستان جا پراڻا شهر (سنڌي ادبي بورڊ)، آدرشي (طنز ۽ مزاح) ڪهاڻي پبليڪيشن، بمبئي، ديس ستا دل وارا جاڳيا (ڪهاڻيون) سنڌي اڪيڊمي، حيدرآباد، اوڀاريون لهواريون (تقريرون) سنڌي اڪيڊمي، حيدرآباد، سياري جي رات (طنزيہ ۽ مزاحيہ ڪهاڻيون) شهباز پبليڪيشن، حيدرآباد،

سياسي مسئلن جو حل (سياسي مضمون) ملير ڪتاب گهر، ڪراچي، سچ جو فلسفو (ترجمو) عظمت اڪيڊمي، حيدرآباد، سنڌ جا پراڻا شهر

(مولائي شيدائي جا تاريخي مضمون), ڀلاري ڀونءَ ( پرل ايس ناول جو ترجمو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڪميونسٽ پڌرنامو (ترجمو) عوامي ڪتاب گهر، حيدرآباد. چتر ليکا (ترجمو هندي ناول)  زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد، ويرن جي وسندي-  ترجمو (ويٽنامي ناول) عظمت اڪيڊمي، حيدرآباد. پاپ ۽ پيڙا (ناول)، باغي (نذرالاسلام، ترجمو)، جيءُ جياريو جن (وڇڙيل ساٿين لاءِ شرڌانجليون)، جڏهن جھوڪ جهريو (تاريخ) عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، بين الاقوامي انقلاب جو راھِ عمل، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، تضادن بابت (تضادن جو فلسفو) عظمت اڪيڊمي، حيدرآباد، تصوف اور کلاسیکی سندھی شاعری (اردوءَ ۾).

ڀٽي صاحب جو فڪر سنڌي ترقي پسند تحريڪ جي تاريخي پس منظر سان جُڙيل آهي. ترقي پسند ادب جي شروعات کان وٺي، ادبي تحريڪ کي سماجي تبديلي ۽ عوامي شعور جي اک طور ڏٺو.  ڀٽي صاحب انهيءَ روايت کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ مضبوط ڪيو ۽ ان کي نئين انداز سان پيش ڪيو. سنڌي ترقي پسند تحريڪ ۾ جهڙوڪ نورالدين سرڪي، احسان بدوي، حسام الدين راشدي، گدائي، سوڀو گيانچنداڻي، اي ڪي پوھو، شيخ حفيظ، شيخ اياز، مقبول ڀٽي جهڙين شخصيتن جو فڪر ان تي اثرانداز ٿيو، پر ڀٽي صاحب پنهنجي منفرد ادبي زبان ۽ فڪري رخ سان ان کي نئين سر ترتيب ڏنو۔

رشيد ڀٽي صاحب جي ڪهاڻي نگاري ۾ سڀ کان پهرين ڳالهه جيڪا ڌيان ڇڪي ٿي، اها حقيقت پسندي آهي. هن جون ڪهاڻيون سماج جي حقيقتن کي بھتر انداز ۾ پيش ڪن ٿيون. ڀٽي صاحب جون ڪهاڻيون نه صرف ادبي تصويرون آهن، بلڪه اهي سماج جي ساختي تضادن، سياسي استحصال، ۽ طبقاتي جدوجهد جو عڪس آهن. سندس ڪهاڻين ۾ ڪردار نگاري انتهائي مضبوط آهي؛ اھي ڪردار صرف شخصيتون نه، بلڪه سماجي طبقن ۽ سندن فرسوده ڏيکائن کي بيان ڪن ٿا!

ڪردار تخليق ڪرڻ ۾  ڀٽي صاحب جي هڪ خاص قوت اها آهي ته هو ڪردارن جي نفسياتي پرت کي پڻ اڀاري ٿو. ڪهاڻي جي ڪردارن جي اندروني تضادن، خوفن، لالچن ، اميدن، ۽ تنازعن کي اهڙي طرح سان پيش ڪيو آهي، جو پڙهندڙ کي انهن جي درد سان همدردي پيدا ٿئي ٿي. اھڙي خصوصيت رشيد ڀٽيءَ کي سنڌي  ڪهاڻي نگاري ۾ نواڻ جي طور نروار ڪري ٿي!

رشيد ڀٽي صاحب جي ادبي حيثيت صرف ڪهاڻي لکڻ تائين محدود نه رهي. هن سنڌي ادبي تنقيد ۽ مهاڳ  لکڻ ۾ به نئون معيار قائم ڪيو. رشيد ڀٽي صاحب جي تنقيد ۾ ادبي بصيرت، فڪري گھرائي، ۽ سماجي شعور گڏيل طور موجود آهي. هو ادبي ڪم کي صرف جمالياتي معيار سان نه، پر سماجي ۽ سياسي پس منظر سان پڻ پرکي ٿو. مهاڳ نگاريءَ ۾ رشيد ڀٽي صاحب جي ڪم جو اهم رخ اهو آهي ته هن ادبي شخصيتن جي فڪري ۽ ادبي سفر کي هڪ تحقيقي ۽ تجزياتي انداز ۾ پيش ڪيو. مثال طور شيخ اياز تي سندس مهاڳن ۾ شيخ اياز جي فڪر، شاعري، ۽ سماجي اهميت کي هڪ نئين روشني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان سان سنڌي ادبي تنقيد ۾ نئين معيار جي شروعات ٿئي ٿي، جنهن ۾ ادبي ڪم جي فني پهلوءَ سان گڏ فڪري ۽ سماجي پس منظر جو به تجزيو شامل آهي۔ ڀٽي صاحب جي هڪ اهم ڪوشش سنڌي ادب کي عالمي ادب سان جوڙڻ آهي. هن ترجمي جي ذريعي عالمي فڪري رجحانن، جهڙوڪ ڪميونسٽ پڌرنامو، ويٽنامي ادب، ۽ ٻين عالمي ادبي تحريڪن کي سنڌي پڙهندڙن تائين پهچايو. ھن دنيا جا عظيم افسانا ۽ ناول ترجمو ڪري سنڌي پڙھندڙن کي عالمي ترڪيبن کان روشناس ڪرايو! ترجمو صرف ٻولي جي منتقلي ناهي، بلڪه هڪ فڪري پل آهي جيڪو مختلف سماجن جي ادبي ۽ فڪري تجربن کي هڪٻئي سان ڳنڍي ٿو.

رشيد ڀٽي جي زندگيءَ جو هڪ نمايان پهلو سندس سياسي ۽ سماجي جدوجهد آهي. هو صرف ادبي شخصيت نه، بلڪه سياسي تحريڪن ۾ فعال رهيو. رشيد ڀٽي صاحب  جي سياسي جدوجهد جو مقصد سماج ۾ انصاف، برابري، ۽ آزادي جو نظام قائم ڪرڻ هو. هو پنهنجي فڪري اصولن تي مضبوط رهيو ۽ ان لاءِ ڪيترائي سال قيد ، ڏکن، ۽ سماجي دٻاءَ کي برداشت ڪيو. سندس زندگي ۾ جيل ۽ قرباني جو عنصر ان جي فڪر کي وڌيڪ پختو ۽ عملي بڻائي ٿو۔

رشيد ڀٽي صاحب جو ادبي ڪم سنڌي سماج جي انتھائي پٺتي پيل طبقي جو آواز بڻجي ٿو. هو مزدور، عورت، غريب، ۽ محروم طبقي جي زندگي کي نه صرف بيان ڪري ٿو، بلڪه انهن جي جدوجهد کي هڪ فڪري ۽ ادبي حيثيت ڏئي ٿو. ان ڪري رشيد ڀٽي صاحب جي فڪر کي جديد سنڌي ادب ۾ هڪ اهم ۽ لازوال ڌارا طور تسليم ڪرڻ گهرجي۔ رشيد ڀٽي صاحب جو ادبي ۽ فڪري مقام جديد سنڌي ادب ۾ هڪ لازوال ۽ مستقل حيثيت رکي ٿو. رشيد ڀٽي صاحب اڄ جي تاريخ 16 فيبروري 1988 تي اسان کان جسماني طور جدا ٿيو۔