ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جا سڀاڻي آمريڪا ۾ اجلاس: ناڻي وزير روانو

ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جا سڀاڻي آمريڪا ۾ اجلاس: ناڻي وزير روانو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو. اجلاس 13 کان 18 اپريل 2026 تائين واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ٿيندا۔ ناڻي وزير اجلاس کان اڳ بوسٽن جو دورو ڪندو جتي هو هارورڊ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ پاڪستان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو۔ هو ماهرن، پاليسي سازن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي سان ملاقاتون به ڪندو ۽ پاڪستان جي معيشت، سڌارن ۽ ترقي جي امڪانن تي خيالن جو اظهار ڪندو. دوري دوران ناڻي وزير آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي اهم اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ عالمي مالي اڳواڻن، ترقياتي ڀائيوارن ۽ پاليسي سازن سان ملاقاتون ڪندو۔ اِن سان گڏ ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين عالمي ادارن جي قيادت سان پڻ ناڻي وزير ملاقاتون ڪندو، جن ۾ ورلڊ بئنڪ جي منيجنگ ڊائريڪٽر  آپريشنز، انا بيردي، آءِ ايف سي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مختيار ديوب ۽ ميگا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سوتومو ياماموتو شامل آهن. ناڻي وزير آءِ ايم ايف جي اعليٰ اختيارين سان پڻ ملاقات ڪندو، جن ۾ فرسٽ ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊين ڪاٽز، ڊپٽي مئنجينگ ڊائريڪٽر نائجل ڪلارڪ ۽ مشرق وسطي ۽ وسطي ايشيا جي ڊائريڪٽر جهاد اظهور شامل آهن. انهن ملاقاتن ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال، سڌارن جي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. آمريڪا جي دوري دوران ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب آمريڪي حڪومت جي اعليٰ اختيارين سان پڻ ملاقات ڪندو،