لاهور(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ جون تياريون: پي سي بي جو 4 وڏين ٽيمن سان ميچ کيڏڻ لاءِ رابطو ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٽه ملڪي سيريز ڪرائڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي
پي سي بي جي ويجهن ذريعن موجب هلندڙ سال ڀارت ۾ رٿيل آءِ سي سي ورلڊ ڪپ کان اڳ قومي ٽيم کي ڀرپور تيارين ڪرائڻ لاءِ ڪرڪيٽ بورڊ مختلف رٿابنديون شروع ڪري ڏنيون آهن
ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي 4 وڏين ٽيمن آسٽريليا، نيوزيلينڊ ، ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش سان ميچ کيڏڻ لاءِ چئني بورڊز کي خط پڻ اماڻي ڇڏيا آهن
ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب پي سي بي پاران چئني بورڊز کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني وئي آهي، ٻه طرفي سيريز سميت ٽه ملڪي ٽورنامينٽ ڪرائڻ لاءِ به چيو پيو وڃي
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڄاڻايل بورڊز راضي ٿيا ته آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ سيريز ڪرائي ويندي، قومي ٽيم کي انهن ملڪن ڏانهن به دورن ڪرائڻ لاءِ موڪلي سگهجي ٿو