| ورلڊ ڪپ جي تياري: ٽه ملڪي سيريز جي پاڪ زمبابوي ميچ برسات جو شڪار، سمير جي سينچري |
هراري (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ زمبابوي انڊر 19 جي وچ ۾ ميچ برسات سبب بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي، ميزبان ٽيم کي بيٽنگ جو موقعو به نه مليو. تفصيل موجب انڊر 19 ٽرائي سيريز ۾ پاڪستان ۽ زمبابوي جي وچ ۾ ميچ برسات سبب بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي. پاڪستان انڊر 19 ٽيم ٽرائي سيريز جي پنهنجي ٻئي ميچ ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ پهرين کيڏندي اسڪور بورڊ تي ڪل 354 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جي اوپنر سمير منهاس، عثمان خان سينچريون ۽ حذيفه احسن ففٽي اسڪور ڪئي. اوپنر علي حسن بلوچ 8، سمير 142، عثمان 121، حذيفه 54، دانيال علي خان 3، ڪپتان فرحان يوسف 2، مومن قمر 0 رنسن جي آئوٽ ٿيا. وڪيٽ ڪيپر حمزه ظهور 3 ۽ عمر زيب هڪ رنس تي ناٽ آئوٽ رهيا. زمبابوي جي ڪربي مڌارامتي 3، پناشي مزائي 2 ۽ بيني زوزي ۽ ڌرو پٽيل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.