| ورلڊ ڪپ ۾ انوکو واقعو: ريفري انجري جو شڪار، راند روڪي وئي |
واشنگٽن (اسپورٽس نيوز) آسٽريلين مڊفيلڊر ايڊين اونيل به ريفري جي مدد ڪئي، ڪجهه منٽن جي علاج کانپوءِ زوائر ٻيهر اٿڻ ۾ ڪامياب ٿيو ورلڊ ڪپ ۾ هڪ انوکو واقعو پيش آيو جڏهن هڪ ريفري ئي انجري جو شڪار ٿي ويو، جنهن جي ڪري آمريڪا ۽ آسٽريليا جو ميچ چند منٽن لاءِ روڪڻو پئجي ويو. گروپ ڊي جي ميچ ۾ 45 سالن جو جرمن ميچ ريفري فيلڪس زوائر اضافي وقت ۾ پٺن جي ڇڪ (ڪرئيمپس) جو شڪار ٿي ميدان ۾ ڪري پيو، آمريڪي فارورڊ فلورين بالوگن ريفري جي ڄنگهه کي ڇڪي ڪرئيمپس گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بعد ۾ فيفا ميڊيڪل اسٽاف، چوٿين آفيشل ڪيٽيا گارشيا ۽ لائنز مين به ميدان ۾ پهچي ويا، آسٽريلين مڊفيلڊر ايڊين اونيل به ريفري جي مدد ڪئي، چند منٽن جي علاج کانپوءِ زوائر ٻيهر اٿڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ميچ جاري رکيو. ان موقعي تي اسٽيڊيم ۾ موجود آمريڪي شائقين سندس لاءِ ڀرپور تاڙيون به وڄايون.