ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) هندو برادري جي لڏپلاڻ تي سول سوسائٽي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مغوين جي بازيابي ۽ امن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي
ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج دوران ملگزار خان سهرياڻي ۽ ٻين چيو ته افسوس ۽ ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته هن شهر مان هندو برادري جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري وڃي رهيا آهن
هنن چيو ته هندو برادري ورهاڱي وقت به ملڪ پاڪستان ۽ شهر ڪنڌڪوٽ کي نه ڇڏيو پر صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي جو بدامني سبب هندو برادري ڪنڌڪوٽ شهر مان لڏي وڃي رهي آهي
سول سوسائٽي جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ضلعي ۾ امن و امان بحال ڪرائي سڪون سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي، اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي