وريام فقير ۽ 9 نائبن جا هٿ, در بند

جُون 10, 2025

سنجهورو (پنهنجي ڊيسڪ) وريام فقير خاصخيلي ۽ سندس 9 نائب خليفه حر جماعت مان خارج، سندن هٿ ۽ در بند ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري اڳوڻي ايم پي اي  وريام فقير خاصخيلي کي حرجماعت مان به خارج ڪري سندس هٿ ۽ در بند ڪري ڇڏيو

پير پاڳاري 2 ڏينهن اڳ حر جماعت جي خليفي  وريام فقير خاصخيلي کي ورياماڻي سنگت  جي خليفي واري منصب تان هٽائي ڇڏيو هو

اڳوڻي خليفي وريام فقير جا 9 نائب به حر جماعت مان خارج، سندن هٿ ۽ دربند  حر جماعت مان خارج ٿيلن ۾ سبحان علي هڱورو،  گلشير چاڪراڻي، علي غلام جوڻيجو، غلام  مصطفيٰ ڀاڻوجو، وڪيل ڀاڻوجو ۽ ٻيا شامل آهن

جڏهن ته محمد علي ڪارڙو، لياقت لغاري،  محمد علي  علياڻي، نواب چانگ ۽ علي شير چانگ به حر جماعت مان خارج، سندن هٿ ۽ در بند ڪيا ويا آهن

اڳوڻي خليفي وريام فقير جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ جماعتي صحافين خدا ڏنو ڪاڇائي، جاويد ڪاڇائي ۽ ساحل مهر جا به هٿ بند ڪيا ويا آهن

وريام فقير کي ورياماڻي سنگت جي خليفي واري منصب تان هٽائي ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي کي مقرر ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي هئي، وريام فقير ۽ سندس حمايتي سنگت طرفان درگاھ تي احتجاج ڪرائڻ ۽ سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ تي پير پاڳاري جي سخت ناراضگي بعد اهڙو فيصلو عمل ۾ آيو آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سجاول جوڻيجو ڀرسان 2 ناريون مبينا اغوا

  • مهانگائي چارسيڪڙو کان به گهٽ آهي: خواجه آصف

  • ڪوٽ غلام محمد: ناري ۽ نوجوان پاران مبينا آپگهات

  • راڻيپور لڳ جهيڙو ، 2 ڄڻا قتل