| ورڇ جوڳي پول مان ڪشمير ۽ گلگت کي حصو ملڻ گهرجي: احسن اقبال |
اسلام آباد(م ڊ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي ورڇ جوڳي پول مان رڳو چئن صوبن نه پر آزاد ڪشمير ۽ گلگت جي کي به حصو ملڻ گهرجي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي وزارت تي وزيراعظم کي خط لکيو آهي ته اين ايف سي جو اجلاس سڏايو وڇي آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ فاٽا کي اين ايف سي جي ورڇ جوڳي پول مان حصو ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڪيترائي کاتا وفاق کان صوبن ۾ وڃڻ باوجود وفاق پئسا ڏئي رهيو آهي. سماجي ڀلائي، غربت ۾ گهٽتائي جا معاملا صوبائي آهن پر 700 ارب رپيا وفاق ڀري رهيو آهي. هن چيو ته اوڳاڙيل ٽيڪسن مان 60 سيڪڙو پئسا صوبن کي ويندا آهن باقي مان اڌ رقم قرضن جي وياج ۾ ويندي آهي.