ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ گورننگ باڊي جي منظوري سان شروع ٿيل 20 ارب جا منصوبا تڪراري بڻجي ويا، جاچ شروع

ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ گورننگ باڊي جي منظوري سان شروع ٿيل 20 ارب جا منصوبا تڪراري بڻجي ويا، جاچ شروع

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) ليبر کاتي جي ماتحت اداري ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ اڳوڻي سيڪريٽري پاران گورننگ باڊي جي منظوري سان شروع ڪيل 20 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جا ميگا منصوبا تڪراري بڻجي ويا، ورڪر ويلفيئر بورڊ جي گورننگ باڊي جي 32هين ۽33هين بورڊ جي اجلاس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم، اڳوڻي سيڪريٽري رفيق قريشي ۽ ورڪرن جي نمائندگي ڪندڙ ميمبرن جي منظوري کان پوءِ شروع ٿيل اِي بائيڪ، ايڪسيڊنٽل هيلٿ انشورنس، ليبر ڪالونين، اسڪولن ۽ روڊن جي مرمت وارا منصوبا شامل، ليبر کاتي جي اختيارين پاران ننڍن ملازمن خلاف انڪوائري شروع، اڳوڻو سيڪريٽري، اڳوڻو وزير ۽ منصوبن جي منظوري ڏيندڙ گورننگ باڊي جا ميمبر هر ڪاروائي کان اڃا آجا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ليبر کاتي جي ماتحت اداري ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ اڳوڻي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم ۽ اڳوڻي سيڪريٽري رفيق قريشي جي دور ۾ شروع ٿيل ميگا منصوبن جي ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي 32هين ۽ 33هين گورننگ باڊي جي اجلاسن ۾ حتمي منظوري باوجود منصوبا تڪراري بڻجي ويا آهن. مليل ڄاڻ موجب ورڪرز ويلفيئر بورڊ پاران اي او بي آءِ ۾ رجسٽر عورت ورڪرن لاءِ 10 هزار اِي بائيڪ (اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون) خريد ڪرڻ لاءِ 3 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو، جنهن جي 33هين گورننگ باڊي جي اجلاس ۾ حمتي منظوري ملڻ کان پوءِ موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني کي 2 ارب 30 ڪروڙ رپين جي ادائگي به ڪئي وئي. واضح رهي ته گورننگ باڊي جي 13 رُڪني بورڊ مان اڳوڻي صوبائي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم، اڳوڻي سيڪريٽري رفيق قريشي، ورڪرن جي نمائندگي ڪندڙ ميمبر حبيب الله جنيدي سميت 10 ميمبرن پاران منصوبي جي منظوري واري منٽس تي صحيحون ڪيون ويون هيون. اهڙي طرح ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي آفيس خريد ڪرڻ واري هڪ ارب رپين جي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي هئي. جنهن تي پڻ ساڳئي ميٽنگ ۾ ڄاڻايل 10 ميمبرن جون صحيحون موجود آهن، آفيس خريدڻ واري هڪ ارب رپين جي منظوري بعد 81 ڪروڙ رپين جي ادائگي به ڪئي وئي آهي پر ان منصوبي کي به تڪراري بڻايو ويو آهي. جڏهن ته ليبر ڪالونين، ڪالونين جي اسڪولن، روڊن جي مرمت لاءِ پڻ 10 ارب روپين جا ٽينڊر جاري ڪيا ويا، ان سان گڏوگڏ اِي اي او بي آءِ ۾ رجسٽرڊ ورڪرن جي ايڪسيڊنٽل هيلٿ انشورنس لاءِ گورننگ باڊي جي منظوري سان گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ معاهدو ڪيو ويو، جنهن تحت سنڌ انشورنس ڪمپني کي ايڪسيڊنٽل هيلٿ انشورنس جي مد ۾ 7 ارب رپيا ڊپازٽ طور رکرايا ويا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ليبر کاتي جي اختيارين پاران اِي بائيڪ منصوبي بابت انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اڳوڻي ڊائريڪٽر ورڪس مظفر شاھه، اڳوڻو ڊائريڪٽر ويلفيئر احتشام خان ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر فنانس عبدالباسط کان منصوبي جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ ڄاڻايل منصوبي جي گورننگ باڊي مان منظوري به مليل آهي پر ان باوجود گورننگ باڊي جي ڪنهن به ميمبر يا اڳوڻي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم توڙي اڳوڻي سيڪريٽري رفيق قريشي کي ان جاچ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ليبر کاتي جي وزير سعيد غني پاران گذريل سال جي آڪٽوبر مهيني ۾ ڄاڻايل سمورن منصوبن جو ڪم روڪڻ لاءِ باضابطه خط لکي اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ويون هيون، جنهن بعد وري هلندڙ سال جي اپريل مهيني ۾ هڪ ٻيو ليٽر لکي ڪم روڪڻ واري هدايت نامي کي ڪينسل پڻ ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي کاتيوار انڪوائري هيٺ آيل ٽن آفيسرن پاران اينٽي ڪرپشن يا نيب کان معاملي جي انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته اِي بائيڪ منصوبي بابت ورڪر ويلفيئر کاتي جي ٽن آفيسرن اڳوڻي ڊائريڪٽر ورڪس مظفر شاھه، اڳوڻو ڊائريڪٽر ويلفيئر احتشام خان ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر فنانس عبدالباسط پاران عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اسان مٿان کاتيوار انڪوائري جي بجاءِ نيب يا اينٽي ڪرپشن کان جاچ ڪرائي وڃي، جيئن شفاف انڪوائري ٿي سگھي. الزام هيٺ آيل آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل منصوبا گورننگ باڊي جي منظوري سان شروع ٿيا آهن.
 

عورتن کي 20 هزار سلائي مشينون ڏيڻ وارو منصوبو روڪيو ويو

ڪراچي: انڊسٽريل ورڪرن کي 20 هزار سلائي مشينون ڏيڻ واري منصوبي ۾ 62 ڪروڙ رپيا جاري ٿيڻ باوجود منصوبو روڪيو ويو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته شاهد عبدالسلام ٿهيم پاران انڊسٽريل ورڪرز عورتن کي 20 هزار سلائي مشينون ڏيڻ واري شروع ڪيل 62 ڪروڙ رپين جي منصوبي کي به تڪراري بڻائي روڪيو ويو آهي.  مليل ڄاڻ موجب ته ليبر کاتي جي اختيارين پاران سلائي مشينن لاءِ رقم جاري ڪرڻ باوجود اڳوڻي وزير جي منصوبي کي روڪڻ لاءِ ڪمپني کي خط لکي هدايتون ڪيون ويون آهن ته سلائي مشينون گھربل ناهن، ان ڪري روڪيون وڃن.
 

ڪراچي: عورت ورڪرن لاءِ 10 هزار اِي بائيڪ مان 6هزار 500 اليڪٽر موٽرسائيڪلون تيار، ڪمپني پاران ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي اختيارين کي خط لکي آگاهي ڏئي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان موٽر سائيڪلون ٺاهيندڙ ڪمپني پاران اي بائيڪ لاءِ رقم جي ادائگي ٿيڻ بعد 6 هزار 500 بائيڪون تيار به ڪري ورتيون آهن. جنهن لاءِ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي اختيارين کي خط لکي آگاهي ڏني وئي آهي. پر معاملو تڪراري بڻجڻ بعد بائيڪون هينڊ اوور نه پيون ڪيون وڃن.
 

گريڊ18 جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي گريڊ 19 وارو عهدو مليل، جاچ ڪميٽي ۾ به شامل
 

ڪراچي: ورڪر ويلفيئر بورڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ورڪس فيصل شمس کي ڊائريڪٽر ورڪس واري 19هين گريڊ جي عهدي جي اضافي چارج به مليل آهي. جڏهن ته 18هين گريڊ جي ڪاموري کي 19هين گريڊ جي آفيسرن خلاف شروع ٿيندڙ انڪوائري ڪاميٽي ۾ ميمبر طور به مقرر ڪيو ويو آهي.