ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) ورڪس اينڊ سروس کاتي پاران سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ غير معياري
ڪم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
ڪجھه مهينا اڳ مرمت باوجود لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ٽوجي آفيس ڌماڪي سان ڊهي پئي، عملو آفيس ۾ موجود نه هجڻ سبب جاني نقصان نه ٿيو، ڇِت ڊهڻ سبب آفيس ۾ رکيل فرنيچر ۽ سامان کي نقصان پهتو
ٽائيم نيوز لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ٽو جي آفيس ڊهڻ جا فوٽيجز هٿ ڪري ورتا، هٿ ڪيل ويڊيو ۾ ڊٿل ڇت ۽ آفيس ۾ ٽڙيل پکڙيل سامان ڏسي سگهجي ٿو
ذريعن موجب ورڪس اينڊ سروسز جي لاڳاپيل ونگ پاران ڪجھه مهينا اڳ ڄاڻايل آفيس جي مرمت ڪئي وئي هئي
ذريعن موجب مرمت تي لکين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود غيرمعياري مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب ڇِت ڪِري پئي