ورڪشاپ لڳ خوفناڪ باهه: ننڊ ستل ٻارڙي فوت: 2 گهر رک جي ڍير ۾تبديل

ورڪشاپ لڳ خوفناڪ باهه: ننڊ ستل ٻارڙي فوت: 2 گهر رک جي ڍير ۾تبديل

ورڪشاپ(ن پ ا) ورڪشاپ لڳ خوفناڪ باهه: ننڊ ستل ٻارڙيءَ فوت: 2 گهر رک جي ڍير ۾ تبديل، ان ڏس ۾ ورڪشاپ ڀرسان چڪ نمبر 32 لڳ   چُلهه مان اوچتو اٿيل  چڻنگ 2 پورهيتن سومار ڀيل ۽ حڪيم ڀيل جي ڪکاون گهرن کي ساڙِي رک ڇڏيو، باهه سبب  گهر  ۾ستل 7 ورهين جي ٻارڙيءَ سلوا ڀيل سڙي فوت  ٿي وئي، باهه سبب پورهيتن جي گهرن ۾ پيل اناج، نياڻي جو ڏاج،   هنڌبسترا،  کٽون ٿانءَ ،سونا زيور  ۽ روڪ رقم سڙي وئي، باھ متاثر پورهيت خاندان کليل آسمان هيٺ ويٺل هئا، رات دير تائين  ڪو چونڊيل نمائندو يا ڪامورو نه پهتو هو.