ورڪشاپ ڀرسان بااثرن ڪتن جي بڇ ڪرائي 2 گڏهن کي مارائي ڇڏيو، هڪ مرڻينگ، احتجاج

نومبر 22, 2024

ورڪشاپ (رپورٽ: غلام قادر شر) ورڪشاپ ڀرسان ڳوٺ قاسم ڀنڀرو ۾ ظلم جي انتها، مبينا طور جوابدارن  بي زبان جانور گڏهن مٿان ڪتن جي بڇ ڪرائي ٻن گڏهن کي مارائي ڇڏيو، هڪ گڏهه مرڻينگ ٿي پيو، بڇ دوران گڏهن اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪيون، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن عبدالله ڀنڀرو، رمضان ابوپوٽو، ڦوٽو ڀنڀرو، پير بخش ڀنڀرو، ياسين ڀنڀرو، اٽل ابوپوٽو، عرس ڀنڀرو، رياض ڀنڀرو ۽ ٻين  احتجاج ڪندي الزام مڙهيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته بي زبان گڏهن مٿان علائقي جي  بااثر  امام علي ملاح، اعجاز ملاح، نور حسن ملاح ڪتن جي بڇ ڪرائي ٻن گڏهن کي ڪتن کان مارائي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ گڏهه مرڻينگ آهي، هنن چيو ته اسان جي گذر سفر جو ذريعو اهي گڏھ هئا، جن مٿان بار ڍوئي پورهيو ڪندا هئاسين، گهر اڇڙو ٿر ۾ هجڻ ڪري کوٽيل کوهن تان گڏهن وسيلي پاڻي کڻندا آهيون، هنن چيو ته گڏهن مٿان ڪتن جي بڇ ڪرائيندڙن جو تعلق اقتداري پارٽي سان آهي، ان ڪري اسان جي ڪير  به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي، الزام هيٺ آيل ڌر جي هڪ شخص نور حسن ملاح رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته خبر پئي آهي ته ان ڳوٺ ۾ هڪ گڏھ ڪتن ماريو آهي، اسان بي زبان جانورن مٿان ڪتن جي بڇ ناهي ڪرائي، سمورا الزام بي بنياد آهن، اهڙو ڪو مسئلو ناهي ٿيو، جهنگ ڇڙيا گڏهه آهن خبر ناهي ڪيئن مئا آهن ان بابت ڪا به خبر ناهي.

علائقي ۾ بي زبان جانورن تي ظلم جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا

ورڪشاپ: منگلي ٿاڻي جي حد ۾ ڪجهه مهينا اڳ منڍ جمڙائو ڀرسان فصل جي ڀيل تان بي زبان ڏاچي جي ٽنگ ڪپي وئي هئي، مامرو ميڊيا تي اچڻ بعد منگلي ٿاڻي تي 6 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هو جيڪي منگلي پوليس گرفتار ڪري جيل موڪليا هئا، جيڪي ضمانت تي آزاد آهن ۽ ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، جڏهن ته ٻه مهينا اڳ ورڪشاپ  ڀرسان واڍڪي اسٽاپ ڀرسان فصل جي ڀيل تان زميندار ڳئون کي بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪيو هو، جنهن مامري کي  ميڊيا کان لڪائي راڄوڻي وسيلي حل ڪيو ويو هو.

سڄاڻ ڌرين پاران بي زبان جانورن مٿان ٿيندڙ ظلمن تي ڳڻتي ظاهر

ورڪشاپ: علائقي جي سڄاڻ ڌرين پاران علائقي ۾ بي زبان جانورن مٿان ٿيندڙ ظلمن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته قانون رٽ نه هجڻ ڪري آئي روز منگلي ٿاڻي جي حد ۾ جانورن مٿان ظلم ٿي رهيا آهن سياسي مداخلت جي ڪري حد جي پوليس بي وس بڻيل آهي.

ڪيس داخل نه ٿيو، ڀاڳيا ايندا ته ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي: پوليس

ورڪشاپ: آخري اطلاعن تائين گڏهن تي ڪتن جي بڇ ڪرائيندڙن مٿان ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته گڏهن جا مالڪ ڪيس داخل ڪرائڻ ناهن پهتا، هو جيئن ئي ايندا ته سندن مرضي مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو.

Leave A Comment