ورڪشاپ ڀرسان ننڊ ستل اڌڙوٽ گوليون هڻي قتل، ڇڪتاڻ، جوابدار گاڏي ڇڏي فرار

مارچ 8, 2025

ورڪشاپ(ن پ ا) ورڪشاپ ڀرسان کينهواري ٿاڻي جي حد ۾ آرڊي 463 ڀرسان موٽر سائيڪل سوار ٻه نامعلوم هٿياربندن گهر اندر ستل اڌڙوٽ شخص گلبھار چانگ کي  بندوق جا ٽي فائر ڪري موقعي تي  قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع کينهواري پوليس کي ڏنو ويو، جيڪا هڪ ڪلاڪ دير بعد واقعي واري هنڌ پهتي قتل ٿيل جو مڙه کڻائي سول اسپتال چونڊڪو منتقل ڪرائي ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو  ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، اهڙي قتل بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس  ڇانئجي ويو مقتول گلهبار چانگ جي ڀاءُ ٻڌايو سندن ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي سندس ڀاءُ هارپو ڪري پيٽ گذر ڪندو هو اڄ شام هو گهر اندر ستل هو ته موٽر سائيڪل سوار ٻن نامعلوم هٿياربندن گهر اندر داخل ٿي کيس پنهجي معصوم پٽ اڳيان بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي، اهڙي اطلاع تي ڳوٺاڻن پاران  مختلف هنڌن تي ناڪابندي  هٿياربند موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب  ٿي ويا آهن.

 

Leave A Comment