ور سپر ليگ: شاهه عالم ۽ ڏاتاري اليون ميچون کٽي ورتيون

ور سپر ليگ: شاهه عالم ۽ ڏاتاري اليون ميچون کٽي ورتيون

گھوڙاٻاري (اسپورٽس نيوز) گھوڙاٻاري ۾ شهيد فدا حسين خشڪ جي ياد ۾ جاري ور سپر ليگ  سيزن 9 نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دوران شاندار ۽ دلچسپ مقابلا جاري آهن، ھڪ اهم مقابلي ۾ سپر لاڙڪاڻو ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ شاهه عالم ٽيم 9 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 157 رنسون ٺاهي 6 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي،ٻي ميچ ۾ ڏاتاري اليون ٽيم شاندار بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ ال شهباز ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنسون ٺاهي سگهي.