وزيراعظم ۽ ايران جي صدر پاران بارڊر مارڪيٽ ۽ بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح

مَي 18, 2023

تهران(مانيٽرنگ ديسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پاڪ ايران سرحد تي بارڊر مارڪيٽ ۽ بجليءَ جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان ٻنهي سرحدن جي پاسي روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، بجليءَ جي ٽرانسميشن لائين سان وڌيڪ هڪ سئو ميگاواٽ بجلي ملندي، وزيراعظم شهباز شريف پاڪ ايران سرحد مند پشين وٽ پهچي ايراني صدر سان ملاقات ڪئي، ايراني صدر ابراهيم رئيسي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ٻوٽو به لڳايو، تقريب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ايراني اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪشمور مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل