| وزيراعظم اڄ کان ٻن ڏينهن لاءِ سعودي، ترڪيه ۽ قطر جو دورو ڪندو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف آبنائي هرمز جي ناڪابندي ۽ ايران آمريڪا وچ ۾ ايندڙ ڳالهين تي مشاورت لاءِ سعودي عرب، ترڪيه ۽ قطر جا دورا ڪندو، وزيراعظم جي اڄ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات رٿيل آهي ، پاڪ سعودي عرب ٻطرفن لاڳاپن سوڌو ايران آمريڪا ڳالهين تي صلاح مشورا ڪيا ويندا، وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪري سعودي عرب ۽ ترڪيه جي دورن بابت آگاهي ڏني، وزيراعظم ڳالهين جي مختلف مرحلن بابت بريفنگ ڏيندي ايران آمريڪا ڳالهين جي سمورن رُخن بابت اعتماد ۾ ورتو، صدر ايران آمريڪا ڳالهين جي ميزباني لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ مُکيه رياست طور پنهنجي حيثيت کي مستحڪم ڪيو آهي، پاڪستان دُنيا آڏو پنهنجي امن پسندي جي ساک کي ثابت ڪيو آهي، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم ايران سوڌو عالمي طاقتن سان رابطي ۾ رهن، اُن سان امن جي تسلسل ۽ علائقائي هم آهنگي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.