اسلام آباد(بيورورپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان عوامي پارٽي کي پرچائي ورتو. بي اي چي جي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ بلوچستان حڪومت جي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو. جنهن کي وزيراعظم حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ ڪاميٽي به جوڙي وئي آهي.
وزيراعظم جي خاطري ۽ ڪاميٽي قائم ٿيڻ بعد بي اي پي بجيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.