| وزيراعظم جون ڪشمير ۾ ڪاميابي تي پارٽي قيادت کي مبارڪون |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف آزاد جمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي پهرين مرحلي جي ڪامياب انعقاد ۽ ان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي واضح برتري تي پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جي قيادت هيٺ پارٽي آزاد ڪشمير ۾ انتهائي ڪامياب چونڊ مهم هلائي. هن چيو ته چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ مختلف سياسي جماعتن جي ڀرپور شرڪت جمهوريت جي مضبوط روايتن ۽ ڪامياب جمهوري عمل جي عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم عوام کي اپيل ڪئي ته هو ايندڙ مرحلي ۾ به ساڳئي جوش ۽ جذبي سان ووٽنگ جي عمل ۾ حصو وٺي جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط بڻائين.