وزيراعظم جي آڇ رد: ڪاميٽي قبول ناهي، عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي: پي ٽي آءِ
جنوري 31, 2025
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ قيادت وزيراعظم جي آڇ قبول نه ڪرڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي، بئريسٽر گوهر چيو آهي ته وزيراعظم جي آڇ کي قبول نٿو ڪري سگهجي، وزيراعظم جو بيان اسان جي مطالبن پٽاندڙ نه آهي، هن چيو ته اسان قيدين جي آزادي ۽ ٻن واقعن تي عدالتي ڪميشن جو مطالبو ڪيو، اسان اڃا مئنڊيٽ جي ڳالهه به نه ڪئي آهي، حڪومت ڪميشن جو اعلان ڪري، مذاڪراتي ڪاميٽي بحال ٿي ويندي، پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پارلياماني ڪاميٽي جوڙڻ جي تجويز بهتر نه آهي، عدالتي ڪميشن تي ماڻهن کي اعتماد هوندو آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ معاملن بابت باني کي ڄاڻ آهي، هُن حڪومتي ردعمل کي ڏسندي مذاڪراتي ڪاميٽي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو، حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده هجي ها ته هيل تائين ڪميشن جُڙِي وڃي ها.