| وزيراعظم جي تبديلي بابت ڪوبه معاملو غور هيٺ ناهي: راڻا ثناءَ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله بجيٽ کان پوءِ وزيراعظم جي تبديلي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اهڙيون ڳالهيون ملڪ دشمن عنصر ڪندا آهن،ڪجهه ماڻهو اهڙيون بي بنياد خبرون ڦهيلائي ملڪ ۾ بيچيني ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، اها ڳالهه مڪمل طور غلط آهي، اهڙو ڪو به معاملو ناهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هن وقت بهترين انداز ۾ ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي رهيو آهي، سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي عزت ۽ وقار حاصل ٿيو آهي، اپوزيشن سان ڳالهين جي هميشه ڪوشش ڪئي وئي آهي. جڏهن اسان اپوزيشن ۾ هئاسين ته اسان خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا.