فوجي عمارتن تي حملن جا ڪيس فوجي ڪورٽن ۽ سولين عمارتن تي حملن جا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ هلندا: وزيراعظم

مَي 21, 2023

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9مئي تي عمران جي حڪم تي جٿن دهشتگردي ڪئي بدقسمتي سان هنن اهو ڪم ڪيو جيڪو دشمن به نه ڪري سگهيو

وزيراعظم جي صدارت ۾ امن امان بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس بعد وزيراعظم شهباز شريف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي جٿن ڪورڪمانڊر هائوس تي حملو ڪيو دشمنن جي ايچ ڪيو ۽ ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪيو

وزيراعظم چيو ته سولين عمارتن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن جا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلايا ويندا ۽ فوجي عمارتن تي جيڪي حملا ڪيا ويا آهن اهي ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندا

وزيراعظم شهباز شريف امن امان جي صورتحال تي اجلاس گهرايو جنهن ۾ پنجاب حڪومت پاران 9مئي واقعن تي بريفنگ ڏني وئي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ نگران وزيراعليٰ پنجاب ۽ سيڪيورٽي عملدارن شرڪت ڪئي پنجاب حڪومت پاران 9مئي واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي قانون جي پڪڙڻ ۾ آڻڻ بابت بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته ڪنهن بيگناهه سان زيادتي نه ٿيندي ڪو به ڏوهاري سزا کان بچي نه سگهندو

ان کان اڳ وزيراعظم جي صدارت ۾ نواز ليگ جي اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن جو اجلاس ٿيو لاهور ۾  ٿيندڙ اجلاس ۾ اعظم نذير تارڙ، مصدق ملڪ، عطا تارڙ، سليمان رفيق ۽ ٻيا موجود هئا اجلاس ۾ معاشي، سياسي ۽ قانوني معاملن جو جائزو ورتو ويو

ذريعن موجب اجلاس ۾ ليگل ٽيم سان سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيسن تي مشاورت ڪئي وئي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي امن امان جي صورتحال تي به غور ڪيو پيو وڃي ذريعن موجب وزير قانون اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيسن تي بريفنگ ڏني

Leave A Comment