وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما کي هٽائڻ جو حڪم، فواد حسن فواد تي به تلوار لٽڪيل

ڊسمبر 20, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جانبدار وزيرن کي وفاقي ڪابينا مان هٽائڻ وارو معاملي تي اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائيندي نگران وزير اعظم جي صلاحڪار احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن کي حڪم  ڏنو آهي ته احد چيما کي فوري طور تي صلاحڪار جي عهدي تان هٽايو وڃي ۽ ڪابينا ڊويزن اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. درخواستگذار جي درخواست درست آهي احد چيما گذريل حڪومت جو حصو رهيو آهي. تنهن ڪري هاڻي به اليڪشن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته فواد حسن فواد ڪيس جي ٻڌڻي 21 ڊسمبر تي ٿيندي. عزيز الدين ڪاڪا خيل نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ، پرنسپل سيڪريٽري توقير شاهه، احمد چيما ۽ فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست ڏني هئي.

Leave A Comment