وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
آڪٽوبر 27, 2023
وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه پنبهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي
استعيفيٰ جي منظوري جو عمل 31 آڪٽوبر کان ٿيندو، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن جاري، نگران وزيراعظم هڪ مهيني واري نوٽيس جو مدو به ختم ڪري ڇڏيو
ڊاڪٽر توقير شاهه پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 22 جو آفيسر آهي، ڊسمبر 2022ع ۾ رٽائرمنٽ تي پهچڻ بعد کيس ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي سروس ۾ هڪ سال جي واڌ ملي هئي