وزيراعظم جي ڳالهين جي ٻئين مرحلي لاءِ مشاورت: اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير سان رابطو

وزيراعظم جي ڳالهين جي ٻئين مرحلي لاءِ مشاورت: اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير سان رابطو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جنگ بندي ڳالهيون: ايران جي انڪار کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو اجلاس آمريڪا-ايران ڳالهين جي ٻئي رائونڊ جي پيشِ نظر وزيراعظم جي صدارت ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گهرو وزير سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پاڪستان پاران ڳالهين کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ذريعن کان مليل معلومات موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ هن اجلاس ۾ ايران پاران ڳالهين ۾ شرڪت کان انڪار کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي غور ڪيو ويو. گهرو وزير پاران آمريڪي ۽ ايراني سفيرن سان ٿيل ملاقات بابت وزيراعظم کي اعتماد ۾ ورتو ويو. اجلاس ۾ ايران-آمريڪا ڳالهين کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ۽ ايران جي شرڪت لاءِ رابطا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ٻئي طرف اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو، ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ٻنهي اڳواڻن رابطا وڌائڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب، اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقجي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سمورن رهجي ويل مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ لاءِ مسلسل ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن رابطا وڌائڻ ۽ ٻطرفي سهڪار تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو.