| وزيراعظم سان آمريڪي نائب صدر جي ملاقات: خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس جِي ملاقات، خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. تفصيل موجب اسلام آباد پهتل جي ڊي وينس وزيراعظم هائوس پهتو، شهباز شريف پاران ڀرپور آجيان ڪئي، وزيراعظم پاران تعميري ڳالهين ۾ آيراني ۽ آمريڪي وفدن جي شرڪت جي ساراهه ڪئي ۽ ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪئي . وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ڳالهيون خطي ۾ پائيدار امن ڏانهن هڪ اهم وِک ثابت ٿي سگهن ٿيون، اُميد ته ڳالهين سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد ۽ سهڪار کي هٿي ملندي، پڌرائي موجب وزيراعظم خطي ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهولتڪاري جاري رکڻ جو عزم ورجايو، ملاقات دوران آمريڪي وفد ۾ اسٽيو وٽڪوف ۽ جَيرِڊ ڪُشنر موجود هئا، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي به ملاقات ۾ شريڪ هئا.