وزيراعظم سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات: عالمي صورتحال تي ڳالهيون

مارچ 4, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر مسز جين ميريٽ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئين جي مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن بادشاهه چارلس ٽئين کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اڳڀرائي تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم غزه ۽ يوڪرين ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته برطانيه پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان سان ڀائيواري جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.

Leave A Comment