وزيراعظم سان سعودي، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات

وزيراعظم سان سعودي، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم سان سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن ملاقات ڪئي،  شهباز شريف پرڏيهي وزيرن جو وزيراعظم هائوس ۾ ڀرپور  استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، قومي سلامتي بابت صلاحڪار ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ به شرڪت ڪئي، جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم سعودي عرب سان مڪمل ٻڌي جو اظهار ڪيو، سعودي عرب تي مسلمان امت جي اڳواڻي لاءِ زور  ڀريو ۽ اسلامي ملڪن وچ ۾ اتحاد جي ضرورت جي پرچار ڪئي.