وزيراعظم سان متحده وفد جي ملاقات: 28 ترميم جو رينگٽ: ڪراچي ۽ حيدرآباد پيڪيج جي گهر  

  وزيراعظم سان متحده وفد جي ملاقات: 28 ترميم جو رينگٽ: ڪراچي ۽ حيدرآباد پيڪيج جي گهر  

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي جي مختصر دوري تي پھتو، ھن پ پ سينيٽر شيري رحمان جي رهائشگاهه پهچي ساڻس ڌيءُ ماروي ملڪ جي وفات تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ جي بيان موجب وزيراعظم چيو ته نوجوان اولاد جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک والدين لاءِ ناقابل برداشت هوندو آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن. ان موقعي تي  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد شاهه، گورنر نهال هاشمي، رٿابندي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا،  ٻئي طرف وزيراعظم شھباز شريف پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر جي رھائشگاھ تي پھچي کيس ڌي عائشه ٽالپر جي شادي جون مبارڪون ڏنيون، سنڌ جي گھرو وزير ضياءِ الحسن لنجار، سھيل انور سيال، سعديه  جاويد، اعجاز جکراڻي ۽ مير منور ٽالپر وزيراعظم  جو استقبال ڪيو، ھوڏانھن  ايم ڪيو ايم جي وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق موجب  فيصل بيس تي ٿيل ملاقات لڳ ڀڳ 40 منٽن تائين جاري رهي، ملاقات ۾ خطي جي موجوده صورتحال، 28هين آئيني ترميم ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊولپمينٽ پيڪيج تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته وزيراعظم 28هين آئيني ترميم بابت وڌيڪ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ھن چيو ته وزيراعظم پي آءِ ڊي سي ايل  ذريعي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ترقياتي منصوبا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.  وزيراعظم شهباز شريف جلد ڪراچي جو تفصيلي دورو پڻ ڪندو. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاران ملاقات ۾ 28 ھين ترميم جلد آڻڻ ۽ آرٽيڪل 140 اي جي ترميم وارو مطالبو رکيو، ملاقات دوران وزيراعظم  شھباز شريف گورنر نھال ھاشمي کي چيو ته ايم ڪيو ايم اتحادي جماعت آھي، سندن پارت آھي، وزيراعظم  مختصر دوري بعد واپس اسلام آباد روانو ٿي ويو،  انهي کان اڳ وزيراعظم  جي ڪراچي آمد تي سنڌ جي گورنر نھال ھاشمي، وڏي وزير سيد مراد شاھ ۽ ٻين آجيان ڪئي