وزيراعظم سان يورپي ڪائونسل جي صدر جو رابطو: ڳالهين جي حمايت

وزيراعظم سان يورپي ڪائونسل جي صدر جو رابطو: ڳالهين جي حمايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم  شهباز شريف سان يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا ٽيليفون رابطو ڪري وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔ وزيراعظم صدر ڪوسٽا سان گڏ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. صدر ڪوسٽا خطي ۾ ڳالهين ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي چيو ته يورپي يونين هن عمل جي هر ممڪن حمايت لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن ڊگهي مدي واري علائقائي ۽ عالمي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو۔ ان حوالي سان ٻنهي اڳواڻن رابطي ۾ رهڻ تي به اتفاق ڪيو