وزيراعظم سي سي آءِ جو اجلاس اڄ سڏائي ورتو، ڪئنالن بابت فيصلو ٿيندو: شرجيل ميمڻ
اپريل 28, 2025
ڪراچي: سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت جي گذارش تي وزيراعظم شهباز شريف اڄ سي سي آءِ جو اجلاس سڏائي ورتو آهي، سي سي آءِ جو اجلاس اڄ شام اسلام آباد ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه شرڪت ڪندو، اڄ جي اجلاس ۾ ڪئنالن بابت فيصلو ڪيو ويندو