اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪوئيٽا جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبرز به ساڻس گڏ هوندا، ڪوئيٽا پهچڻ تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو وزيرعظم جو استقبال ڪندو، وزيراعظم شهباز شريف سان گورنر بلوچستان، وڏو وزير ۽ اسيمبلي ميمبر ملاقات ڪندا، ذريعن موجب وزيرعظم ايئرپورٽ کان گورنر هائوس ويندو، جتي هو ڪوئيٽا جي ايوب اسٽيڊيم ۾ 34 هين نيشنل گيمز جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.