سيڙپڪار پاڪستان ۾ اچي خوش ٿين ٿا: وزيراعظم جو ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب

مَي 26, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پهچي ويو آهي ڪراچي ۾ ٽيڪسٽائل ايڪسپو جي تقريب ۾ شهباز شريف خاص مهمان طور شرڪت ڪئي آهي گورنر سنڌ ۽ وزيراعليٰ سنڌ به تقريب ۾ موجود آهن

وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ٽيڪسٽائل سيڪٽر اسان جي انڊسٽري لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو ٽيڪسٽائل شعبي جو ملڪي برآمد ۾ 60 سيڪڙو آهي

وزيراعظم چيو ته مسئلن باوجود ٽيڪسٽائل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي ڪاروباري ماڻهن جي اڻٿڪ محنت سبب ٽيڪسٽائل شعبو بهتر ٿي رهيو آهي

شهباز شريف چيو ته سيڙپڪار پاڪستان ۾ اچي خوشي محسوس ڪري رهيا آهن ٽيڪسٽائل شعبو اسان ايڪسپورٽ جو به مرڪز آهي

وزيراعظم چيو ته برآمد وڌائڻ لاءِ واپارين کي سهڪار ڪرڻو پوندو ايندڙ هفتي پري بجيٽ ميٽنگز شروع ٿي رهيون آهن

Leave A Comment