لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) احتساب عدالت وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز کي مني لانڊرنگ ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو
10 مئي تي نيب وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز سميت ٻين جوابدارن کي مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بي گناهه قرار ڏنو هو
ايف آءِ اي طرفان مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جون درخواستون منظور ڪندي کين ڪيس مان بري ڪيو ويو هو
احتساب عدالت لاهور جي جج قمر الزمان مني لانڊرنگ ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پيءُ پٽ جون بريت واريون درخواستون منظور ڪري ورتيون