وزيراعظم لاءِ نمبر گيم تبديل، 172 بدران 169 ووٽ گهربل، قومي اسيمبلي جون 6سيٽون گهٽجي ويون

ڊسمبر 2, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون گھٽجي ويون. وزيراعظم ٿيڻ لاءِ نمبر گيم به تبديل، هاڻ وزيراعظم ٿيڻ لاءِ 172 بدران 169 نمبر گهربل هوندا.عام چونڊن بعد نئين تڪبندين تحت قومي اسيمبلي جو ايوان 342بدران 336 ميمبرن تي ٻڌل هوندو، وزيراعظم ٿيڻ لاءِ هاڻ 172 بدران 169 ووٽ گهربل هوندا. گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن نئين تڪبندين جي حتمي لسٽ جاري ڪئي هئي جنهن موجب ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن جي 266 سيٽن لاءِ 266 تڪ هوندا جڏهن ته صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن جو انگ 593 هوندو. اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي ۾ عورتن جون 60 ۽ اقليتن جون 10 مخصوص سيٽون هونديون جڏهن ته 266 جنرل سيٽن سان گڏ قومي اسيمبلي جو ايوان 336 ميمبرن تي ٻڌل هوندو جيڪو اڳ 342 ميمبرن تي هو، اهڙي ريت عورتن جون 60 مخصوص سيٽن مان پنجاب ۾ عورتن لاءِ 32، سنڌ ۾ 14، خيبرپختونخواهه ۾ 10 ۽ بلوچستان ۾ 4 سيٽون مخصوص هونديون. اهڙيءَ طرح گذريل قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو انگ 342 مان 6 سيٽون گھٽجي 336 ٿي ويندو. پنجاب ۾ جنرل اسيمبلي جون 7 سيٽون گھٽيون جڏهن ته بلوچستان مان 2 ۽ وفاق ۾ هڪ سيٽ جو اضافو ٿيو. اليڪشن ڪميشن سنڌ جون سيٽون برقرار رکيون آهن، فاٽا ۽ ڪي پي گڏجڻ کان پوءِ گڏيل سيٽون 47 کان گھٽجي 45 ٿي ويون. فاٽا ڪي پي ۾ ضم ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جون 6سيٽون گهٽايون ويون هيون جن تي عام چونڊن بعد عمل ٿيندو جنهن ڪري چونڊ بعد ايندڙ ايوان 6گهٽ سيٽن تي ٻڌل هوندو.

Leave A Comment