| وزيراعظم مون کي پيسا نه پيو ڏي، ڪراچي کي تعصب ۽ تنقيد جي آڙ ۾ نظر انداز ڪيو ويو: ميئر |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي کي تنقيد ۽ تعصب جي آڙ ۾ نظرانداز ڪيو ويو، وزيراعظم مونکي پيسا نٿو ڏي، ڪراچي جي تاريخي ورثي حسن علي هوئي مارڪيٽ جي نئين سر بحالي بعد افتتاح ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلاول ڀٽو طرفان ڪمان سنڀالڻ کانپوءِ بهتري آئي، پ پ جو هر ڪارڪن ڪراچي جي خدمت ۾ مصروف آهي، اسان ماڻهن کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، پ پ جو واعدو آهي ته ترقي جو سفر جاري رهندو.هن چيو ته ميئر وٽ اختيارن جي کوٽ ناهي هوندي، اصل ڳالهه وسيلن جي آهي، وزيراعظم مون کي پيسا نه پيو ڏئي. ان کان اڳ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب تاريخي حسن علي هوٺي مارڪيٽ جي 100 سال مڪمل ٿيڻ تي ان جي تزئين ۽ بحالي کان پوءِ نئين شان ۽ شوڪت سان افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ميئر ڪراچي چيو ته حسن علي هوٺي مارڪيٽ صرف واپاري مرڪز نه، پر ڪراچي جي تاريخي ۽ ثقافتي قديم سڃاڻپ ۽ برطانوي دور جي شهري ورثي جي علامت آهي،هن چيو ته سئو سال اڳ قائم ڪيل هن تاريخي مارڪيٽ کي وقت گذرڻ سان گڏ نظرانداز ڪيو ويو غيرقانوني قبضا هٽائي، چبوتره ختم ڪري جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جنهن سان واپارين کي بهتر ماحول مليو آهي. ميئر ڪراچي موجب تاريخي ورثي جي بحالي سان شهر جي خوبصورتي ۽ واپاري سرگرمين کي هٿي ملي ٿي. افتتاحي تقريب ۾ صوبائي وزير ثقافت ذوالفقار شاهه، چونڊيل نمائندا، واپاري برادري، هوٺي خاندان جا فرد ۽ ڪي ايم سي آفيسر موجود هئا. صوبائي وزير ثقافت چيو ته حسن علي هوٺي مارڪيٽ جي بحالي سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ جو اهم مثال آهي.ميئر ڪراچي ٻڌايو ته شهر ۾ ٻين تاريخي عمارتن جهڙوڪ ايمپريس مارڪيٽ، فريئر هال، ڪي ايم سي بلڊنگ ۽ لي مارڪيٽ تي به بحالي جا ڪم جاري آهن، جڏهن ته هن سال ڪراچي تي 46 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا.