وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 3 ارب 91 ڪروڙ منظور

وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 3 ارب 91 ڪروڙ منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. جنهن متعلق جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 3 ارب 91 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ دانش اسڪولز جي قيام لاءِ فنڊز جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي مرمت ۽ سارسنڀال لاءِ 16 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا. ايف سي ڪي پي نارٿ اسپتال شاڪس لاءِ 48 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. صحت سهولت پروگرام لاءِ 1 ارب 50 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور ڪئي وئي. 1989ع جي ڪشميري مهاجرن جي گذر بسر الاؤنس 3500 مان وڌائي 6 هزار رپيا ڪري ڇڏيو ويو. ڪشميري مهاجرن لاءِ 57 ڪروڙ 88 لک رپين کان وڌيڪ فنڊز جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم اسسٽنس پيڪيج تحت ريلوي لاءِ هڪ ارب رپيا منظور ڪيا ويا. نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي لاءِ هڪ ارب رپيا منظور ڪيا ويا. نافسا ذريعي خوراڪ جي حفاظت ۽ زرعي برآمدات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪارپوريشن جي ريسٽريڪچرنگ جي اصولي منظوري ڏني وئي.پي اين ايس سي جي 30 سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪرڻ ۽ انتظامي ڪنٽرول اين ايل سي کي منتقل ڪرڻ جي تجويز منظور ڪئي وئي. قيميتي پٿرن جي صلاحيت مان فائدو وٺڻ لاءِ نئين قومي پاليسي منظور ڪئي وئي.