وزيراعظم پاران ايران ۽ نار ملڪن تي حملن جي مذمت

وزيراعظم پاران ايران ۽ نار ملڪن تي حملن جي مذمت

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پورو خطو جنگ جي لپيٽ ۾ آهي، خطي کي درپيش سنجيده ۽ خطري واري مسئلي تي اوهان سان مخاطب ٿي رهيو آهيان، امن کي خطرا اسان سڀني لاءِ ڳڻتي جوڳو عمل آهي،پاڪستان ڪوشش ڪري رهيو آهي ته معاملا سفارتي ڪوششن سان حل ٿي وڃن، هن چيو ته پاڪستان کي مغربي سرحدن تي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي،  پاڪ فوج فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ وطن جي سلامتي ۽ خودمختياري جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي جدوجهد ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته خامنه اي ۽ سندس خاندان جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪري ٿو، ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪريون ٿا، سعودي، ڪويت، قطر، بحرين ۽ ٻين ملڪن تي حملن جي مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان انهن ملڪن سان گڏ آهي،انهن جي سلامتي کي پنهنجي سلامتي سمجهون ٿا.