اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم سامونڊي طوفان دوران هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ورتي آهي
ڪاميٽي ۾ سنڌ سرڪار، اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل آهن، وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هنگامي امداد لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته طوفان متاثر علائقن ۾ هنگامي امداد جي سرگرمين لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن، ساحلي علائقن کي 24 ڪلاڪ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي
وزيراعظم چيو ته ساحلي علائقن مان ماڻهن جي لڏپلاڻ ڪرائي رليف ڪيمپس ۾ ترسايو وڃي، متاثرن لاءِ خوراڪ ۽ طبي سهولتن جو به بندوبست ڪيو وڃي